وزيراعظم شهباز شريف پاران پنهنجي جان جي قرباني ڏئي دهشتگرد کي روڪيندڙ شهيد لياقت علي کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي جان جي قرباني ڏئي دهشتگرد کي روڪيندڙ شهيد لياقت علي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد همت ۽ بهادري جو اهڙو مثال قائم ڪيو آهي جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو، اربع ڏينهن صدر پاران وزيراعظم جي سفارش تي ڪوهاٽ ويجهو پنهنجي جان قربان ڪري مقامي آبادي کي وڏي تباهي کان بچائيندڙ بهادر شهري لياقت علي …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي جان جي قرباني ڏئي دهشتگرد کي روڪيندڙ شهيد لياقت علي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد همت ۽ بهادري جو اهڙو مثال قائم ڪيو آهي جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو، اربع ڏينهن صدر پاران وزيراعظم جي سفارش تي ڪوهاٽ ويجهو پنهنجي جان قربان ڪري مقامي آبادي کي وڏي تباهي کان بچائيندڙ بهادر شهري لياقت علي کي ستاره شجاعت ملڻ تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستاني عوام هزارين جانين جون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کان پاڪ زمين جي حفاظت جي لاءِ ملڪ جو هر شهري شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي، شهري آبادين ۽ معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائيندڙ بزدل دهشتگرد پاڪستاني قوم جي بلند حوصلي کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيد لياقت علي ۽ سندس گهرڀاتين کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم جي سفارش تي صدر پاران شهيد جي لاءِ ستاره شجاعت شهيد لياقت علي جي والده وصول ڪيو.

مزید خبریں