غيرقانوني طور تي هلندڙ تعليمي ادارن جي خلاف فوري ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي: ڊاڪٽر غلام علي ملاح

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) اسلام آباد جي نجي تعليمي ادارن جي نگراني ڪندڙ اداري اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي (پي اي آءِ آر اي) غيررجسٽرڊ خانگي اسڪولن جي خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪندي واضح ڪيو آهي ته غيرقانوني طور تي هلندڙ تعليمي ادارن جي خلاف فوري ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي جڏهن ته مسلسل خلاف ورزي ڪندڙ اسڪولن کي سيل پڻ …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) اسلام آباد جي نجي تعليمي ادارن جي نگراني ڪندڙ اداري اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي (پي اي آءِ آر اي) غيررجسٽرڊ خانگي اسڪولن جي خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪندي واضح ڪيو آهي ته غيرقانوني طور تي هلندڙ تعليمي ادارن جي خلاف فوري ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي جڏهن ته مسلسل خلاف ورزي ڪندڙ اسڪولن کي سيل پڻ ڪري سگهجي ٿو. پيرا جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو آهي ته شاگردن جي مستقبل، معياري تعليم ۽ صحت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ قانون تي عملدرآمد سڀني جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته زيرو ٽالرنس پاليسي تحت اهڙن سمورن خانگي تعليمي ادارن جي خلاف سخت قدم کنيا ويندا جيڪي قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي جا مرتڪب هوندا. پيرا خانگي اسڪولن جي لاءِ فيس بابت نوان ضابطا پڻ جاري ڪيا آهن جن تحت ڪو به خانگي اسڪول هڪ مهيني کان وڌيڪ فيس اڳواٽ وصول نه ڪري سگهندو. اٿارٽي 12 مهينن جي تعليمي سيشن کان وڌيڪ فيس وصولي کي مڪمل طور تي منع قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته والدين کان غيرقانوني فيس وصول ڪندڙ ادارن خلاف ڏنڊ، خصوصي آڊٽ ۽ ادارو سيل ڪرڻ تائين جي ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي. اٿارٽي شاگردن جي صحت جي تحفظ جي لاءِ “لائٽر اسڪول بيگز پاليسي” لاڳو ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. نئين پاليسي موجب اسڪول بيگ جو وزن ٻار جي جسماني وزن جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندو. عملدارن موجب وزني ٿيلهن جي ڪري ٻارن ۾ چيلهه جو سور ۽ ٻيا جسماني مسئلا وڌي رهيا آهن جنهن جي ڏس ۾ خانگي اسڪولن کي غيرضروري ڪتابن ۽ اضافي تعليمي بار ۾ فوري گهٽتائي جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. وڌيڪ اهو ته والدين ۽ شاگردن جي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ خصوصي شڪايت سيل قائم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. پيرا چيئرمين چيو ته شاگردن ۽ والدين جو استحصال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ تعليمي ادارن ۾ شفافيت، معيار ۽ شاگردن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو.

مزید خبریں