جاري پاليسي قدم فقط گهٽ مُدي جي ضرورتن تحت نه پر وسيع، فني بنيادن تي ٻَڌل معاشي تبديليءَ جي حڪمت عمليءَ جو حصو آهن: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جاري پاليسي قدم فقط گهٽ مُدي جي ضرورتن تحت نه پر وسيع، فني بنيادن تي ٻَڌل معاشي تبديليءَ جي حڪمت عمليءَ جو حصو آهن، جنهن جي اعليٰ ترين سطح تي توثيق ڪئي وئي آهي، حڪومت معيشت کي درپيش ڍانچه جاتي چئلينجز خاص ڪري پرڏيهي بقايائن ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل پائيدار …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جاري پاليسي قدم فقط گهٽ مُدي جي ضرورتن تحت نه پر وسيع، فني بنيادن تي ٻَڌل معاشي تبديليءَ جي حڪمت عمليءَ جو حصو آهن، جنهن جي اعليٰ ترين سطح تي توثيق ڪئي وئي آهي، حڪومت معيشت کي درپيش ڍانچه جاتي چئلينجز خاص ڪري پرڏيهي بقايائن ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل پائيدار ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت کان پوري طرح آگاهه آهي. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف جي پاڪستان جو دؤرو ڪندڙ مشن سان ملاقات ۾ چئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي مجموعي معاشي صورتحال، مالياتي حڪمت عملي، سڌارن جي حوالي سان ترجيحن، حڪومت طرفان پائيدار معاشي استحڪام ۽ ڊگهي مُدي واري اقتصادي ترقيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاري قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڳالهين ۾ پاڪستان جي معاشي استحڪام جي ڪوششن، ايندڙ وفاقي بجيٽ جي تيارين ۽ وسيع سڌارن جي ايجنڊا تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد مالياتي ۽ پرڏيهي شعبي جي استحڪام کي مضبوط بنائيندي پائيدار اقتصادي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ آهي. ڌُرين سڌارن واري عمل جي رفتار برقرار رکڻ، معاشي استحڪام جي تحفظ سيڙپڪاري، پيداواري صلاحيت ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيئن هڪ متوازن ۽ مستقبل تي ٻَڌل پاليسي فريم جوڙي سگهجي. وفد جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان حڪومت سان مسلسل رابطي ۽ تعميري ڳالهين کي ساراهيو. هن خاص طور تي هلندڙ سال واشنگٽن ۾ ٿيل موسم بهار جي اجلاس دوران شروع ٿيل فائديمند ڳالهين جو ذڪر ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان جي پرڏيهي شعبي ۾ همٿائيندڙ اڳڀرائيءَ کان به آگاهه ڪيو ۽ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ هاڪاري رجحانن تي روشني وڌي. هن چيو ته تازن انگن اکرن موجب روانگي واپار ۾ ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي بهتري ڏٺي وئي آهي، جيڪا معيشت جي مضبوطي ۽ مجموعي بنياد جي ترتيبوار استحڪام جي عڪاسي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته جيتوڻيڪ معاشي استحڪام جي ڪوششن جا همٿائيندڙ نتيجا سامهون آيا آهن، جڏهن ته حڪومت معيشت کي درپيش ڍانچه جاتي چئلينجز خاص ڪري پرڏيهي بقايائن ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل پائيدار ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت کان پوري طرح آگاهه آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ڊگهي مُدي واري ترقي جي امڪانن کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ معاشي استحڪام کي مضبوط بنائڻ لاءِ سڌارن واري عمل ۾ تيزي آڻيندي. ان سلسلي ۾ هن ان ڳالهه جي اهميت تي زور ڀريو ته پاڪستان کي ڪيترائي ڀيرا معاشي لاهن چاڙهن مان ڪڍڻ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن، پيداواري صلاحيت ۾ واڌ، ضابطا ڪاري ۾ نرمي ۽ روانگي واپار ۾ چٽاڀيٽيءَ ۾ بهتري اڻٽر آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا عالمي ماهرن ۽ معاشيات جي ماهرن سان صلاح مشوري کانپوءِ نهايت احتياط سان ترتيب ڏني وئي آهي. هن واضح ڪيو ته جاري پاليسي قدم فقط گهٽ مُدي وارين ضرورتن تحت نه پيا ڪجن پر هي وسيع فني بنيادن تي ٻَڌل معاشي تبديلي جي حڪمتِ عملي جو حصو آهن، جنهن جي اعليٰ ترين سطح تي توثيق ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف مشن کي عالمي ترقياتي ڀائيوارن سان پاڪستان جي جاري رابطن کان پڻ آگاهه ڪيو، جن ۾ چين سان معاشي سهڪار جي جاري قدمن ۽ ملڪ جي اسٽريٽجڪ معاشي ترجيحن سان هم آهنگ ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون شامل آهن. آءِ ايم ايف وفد جي قيادت شن چيف ايواپيٽرووا ڪري رهي هئي، مشن مشڪل عالمي ۽ علائقائي حالتن باوجود معاشي استحڪام برقرار رکڻ ۾ پاڪستان جي هاڪاري اڳڀرائيءَ کي ساراهيو. وفد حڪومت طرفان محتاط معاشي نظم و نسق ۽ سڌارن جي تسلسل جي عزم جي تعريف پڻ ڪئي. آءِ ايم ايف جي ٽيم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پُراڻي ۽ جامع اقتصادي ترقيءَ لاءِ سڌارن جي رفتار کي برقرار رکڻ، مالياتي نظم و ضبط قائم رکڻ ۽ ڍانچه جاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ انتهائي ضروري آهي. اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، ناڻي وارو سيڪريٽري امداد الله بوسال، ايف بي آر جو چيئرمين ۽ ناڻي ڊويزن واري وزارت ۽ ٽيڪس پاليسي آفيس جي سينيئر عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں