دهشتگردي جا بزدلاڻا حملا قوم جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن: ريلوي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته دهشتگرديءَ جا بزدلاڻا حملا قوم جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ امن جي دشمنن کي هر محاذ تي شڪست ڏني ويندي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ لڪي مروت ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي پوليس اهلڪارن سميت قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏُک ۽ …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته دهشتگرديءَ جا بزدلاڻا حملا قوم جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ امن جي دشمنن کي هر محاذ تي شڪست ڏني ويندي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ لڪي مروت ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي پوليس اهلڪارن سميت قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته حملي ۾ 2 پوليس اهلڪارن سميت قيمتي جانين جي زيان تي پوري قوم ڏکويل آهي. هن دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ پڻ دُعا ڪئي. وفاقي وزير ريلوي جي شهيدن جي گهر وارن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هن مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پوري قوم متاثر ڪٽنبن سان گڏ آهي. هن پونئيرن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين رياست ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جنگ جاري رهندي. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ آهي. هن چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ اِرادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، ڇاڪاڻ ته قوم متحد آهي.

مزید خبریں