هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي بابت وزيراعظم جي پروگرام جي سافٽ لانچ سان ان مرض جي خاتمي جي شروعات ٿي وئي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي بابت وزيراعظم جي پروگرام جي سافٽ لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي باقائده شروعات ٿي وئي آهي ۽ هي ڏينهن ان قومي مشن جي حوالي سان نهايت اهميت رکندڙ آهي، 10 سالن کان جاري ڪوششن کانپوءِ اڄ ان پروگرام جي باقائده شروعات ڪئي پئي وڃي. …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي بابت وزيراعظم جي پروگرام جي سافٽ لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي باقائده شروعات ٿي وئي آهي ۽ هي ڏينهن ان قومي مشن جي حوالي سان نهايت اهميت رکندڙ آهي، 10 سالن کان جاري ڪوششن کانپوءِ اڄ ان پروگرام جي باقائده شروعات ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته نيشنل ڊيٽابيس جي مدد سان سڄي ملڪ ۾ اسڪريننگ ڪئي ويندي، جنهن سان ان عمل کي اثرائتو ۽ شفاف بڻايو ويندو. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي هڪ جان وٺندڙ بيماري آهي ۽ سڄي دنيا ۾ اٽڪل 6 ڪروڙ ماڻهو ان مرض جو شڪار آهن، جن مان هڪ ڪروڙ مريض پاڪستان ۾ موجود آهن. هن ٻُڌايو ته 80 سيڪڙو مريضن کي ان ڳالهه جي ڄاڻ ئي ناهي ته هو هيپاٽائيٽس سي جو شڪار آهن ۽ هو لاعلمي ۾ ان بيماريءَ ۾ مبتلا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ان مرض جو وقت سر علاج نه ڪيو وڃي ته هي جگر جي ڪينسر جي صورت اختيار ڪري وٺي ٿو. هن چيو ته اسان جو موجوده نظام صحت جي شديد دٻاءُ ۽ برباديءَ جو شڪار آهي ۽ اسان کي هيلٿ ڪيئر بدران سِڪ ڪيئر سسٽم مان نڪري حقيقي عوامي صحت جي نظام طرف وڃڻو پوندو. هن چيو ته اڄ ملڪ جي 12 سينٽرز مان هيپاٽائيٽس اسڪريننگ پروگرام جي شروعات ڪئي پئي وڃي، ان پروگرام تحت 7 هزار رپيا ماليت جا ٽيسٽ ۽ 3 کان 6 مهينن تائين جون دوائون مريضن کي مفت فراهم ڪيون وينديون. هن ٻُڌايو ته هي 67 ارب رپين جو قومي پروگرام آهي، جنهن جو مقصد عوام کي خطرناڪ بيمارين کان محفوظ بنائڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته صحت جو معاملو قومي سلامتي ۽ معيشت ٻنهي سان جڙيل آهي. هن چيو ته حڪومت سياسي پوائنٽ اسڪورننگ لاءِ نه پر عوام جي خدمت لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس جو مريض نه صرف پاڻ متاثر ٿئي ٿو پر پوري خاندان ۽ معاشري تي ان جا اثر مرتب ٿين ٿا. وفاقي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته هو وقت سر پنهنجي اسڪريننگ ڪرائين ته جيئن بيمارين کي ناقابلِ علاج مرحلي تائين پهچڻ کان پهرين روڪي سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسڪريننگ ڪرڻ ۽ ڪرائڻ وارن ٻنهي ڌُرين کي مڪمل سهڪار ڪرڻو پوندو ته جيئن ان قومي مشن کي ڪامياب بڻائي سگهجي. هن چي ته جنهن ڊاڪٽر کي روزانو 30 مريض ڏسڻ گهرجن هو 350 مريضن کي ڏسڻ تي مجبور آهي، جيڪو صحت جي نظام جي غير معمولي دٻاءُ جي نشاندهي ڪري ٿو. هن ان عزم اظهار ڪيو ته پاڪستان ڏينهن رات محنت ڪري جلد هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي طرف اڳڀرائي ڪندو.

مزید خبریں