اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت، روزگار ۽ ڪاروبار جا بهترين موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي …
وزيراعظم پاران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت، روزگار ۽ ڪاروبار جا بهترين موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ سال جي لاءِ نئين منصوبن جي تجويزن تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، ايڇ اي اي جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز احمد ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم افيس جي ميڊيا ونگ پاران ڪالهه اربع ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته حڪومت نوجوانن کي تعليم، هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي يونيورسٽين ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن وزيراعظم يوٿ پروگرام کي نوجوانن جي فني تربيت تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي جنهن سان نوجوانن جي لاءِ ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ روزگار جا موقعا يقيني بڻجن. وزيراعظم نوجوانن کي ڪاروبار شروع ڪرائڻ جي لاءِ مختلف آسان قرض اسڪيمن کي هڪ ڇت هيٺ آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي اليڪٽرڪ بائيڪس جي فراهمي جي لاءِ يوٿ پروگرام کي صنعت واري وزارت سان تعاون جي هدايت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. اجلاس کي وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت جاري منصوبن جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل يوٿ حب قائم ڪرڻ کان هيستائين 8 لک کان وڌيڪ نوجوان ۽ 2 هزار کان ادارا رجسٽرڊ ٿيا جڏهن ته روزاني جي بنياد تي 4800 کان وڌيڪ درخواستون ملي رهيون آهن جن جي سخت ڇنڊڇاڻ کانپوءِ انهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي ٿي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگري لونز تحت هيستائين 2 لک 87 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي 122.5 ارب رپين جو ڪاروبار ۽ زراعت جي لاءِ آسان شرطن تي بطور قرض ڏنا ويا آهن جنهن سان 9 لک کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قرض اسڪيم تحت ملندڙ هر قرض جي عيوض سراري طور تي 3 کان وڌيڪ نوڪريُون پيدا ٿي رهيُون آهن. بريفنگ موجب وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ جي پهرين يوٿ اينڊ ايڊاليسينٽ پاليسي ۽ پهرين يوٿ روزگار پاليسي تيار ٿي چڪي آهي. اهڙي طرح ملڪ ۾ پهري قومي يوٿ ڪائونسل جو قيام، وزيراعظم اسپورٽس اينڊ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام پڻ جاري ٿيو. اسپورٽس اينڊ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام تحت هلندڙ سال 4 لک نوجوانن ان ۾ حصو ورتو جنهن ۾ ملڪ جي محروم ۽ وچولي طبقن جي نوجوانن کي ميرٽ تي پنهنجو هنر ڏيکارڻ جو موقعو مليو جنهن جو عملي مظاهرو هلندڙ سال پاڪستان سپر ليگ ۾ انهي پروگرام تحت اڀري سامهون ايندڙ ڪيترن ئي رانديگرن جي شموليت جي صورت ۾ ٿيو. اجلاس کي يوٿ پروگرام تحت ملڪ ۾ مڪس مارشل آرٽس، فيفا ايرينا ۽ اي اسپورٽس جي قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي يوٿ پروگرام تحت نئين تجويز ڪيل منصوبن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.











