اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري صحت، تعليم، ادب، صحافت، فنون لطيفه ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت پاڪستان جي لاءِ مختلف شعبن ۾ اڻٿڪ ۽ نمايان خدمتن تي ملڪي ۽ غيرملڪي شخصيتن کي سول اعزازن سان نوازيو آهي. ايوان صدر ۾ سول اعزاز ورهائڻ جي هڪ پروقار تقريب ٿي. تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي نشان امتياز، هلال شجاعت، هلال …
صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان جي لاءِ مختلف شعبن ۾ اڻٿڪ ۽ نمايان خدمتن تي ملڪي ۽ غيرملڪي شخصيتن کي سول اعزازن سان نوازيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري صحت، تعليم، ادب، صحافت، فنون لطيفه ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت پاڪستان جي لاءِ مختلف شعبن ۾ اڻٿڪ ۽ نمايان خدمتن تي ملڪي ۽ غيرملڪي شخصيتن کي سول اعزازن سان نوازيو آهي. ايوان صدر ۾ سول اعزاز ورهائڻ جي هڪ پروقار تقريب ٿي. تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي نشان امتياز، هلال شجاعت، هلال امتياز، ستاره پاڪستان، ستاره شجاعت، ستاره امتياز، حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي اعزاز، ستاره خدمت، تمغه شجاعت ۽ تمغه امتياز جا اعزاز ڏنا ويا. نشان امتياز حاصل ڪندڙن ۾ نوابزاده نصرالله خان مرحوم، عرفان الحق صديقي مرحوم ۽ عطاءُ الحق قاسمي شامل آهن. هلال شجاعت جو اعزاز سپاهي اظهر محمود شهيد، شاهه ولي خان شهيد، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر پوليس محمد اعجاز خان شهيد، سب انسپيڪٽر لائق زاده خان شهيد، ڪانسٽيبل عالم زيب شهيد، ڪانسٽيبل محمد اعجاز شهيد، وسيم احمد خان ۽ جواد قمر کي ڏنو ويو. هلال امتياز جو اعزاز حاصل ڪندڙن ۾ سردار اويس احمد خان لغاري، محمد علي، معظم جاه انصاري، انجنيئر جمال الدين احمد، مرزا رضوان بيگ، محمد يوسف خان، ڊاڪٽر امير محمد، پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الحق، اصغر نديم سيد، زهره ماجد علي، شاهد آفريدي، شاهروز ڪاشف، ملڪ عطا محمد خان مرحوم، احتشام الحق، عزيزالدين بولاني ۽ تاج حيدر مرحوم شامل آهن. بحرين جي سفارتڪار محمد ابراهيم محمد عبدالقادر کي ستاره پاڪستان جو اعزاز ڏنو ويو. ستاره شجاعت جو اعزاز حاصل ڪندڙن ۾ جاويد الله خان محسود، نواب علي خان شهيد، هدايت الله شهيد، اي ايس آءِ محمد اڪرم شهيد، سب انسپيڪٽر تاج مير شاهه شهيد، ڪانسٽيبل عبدالله شهيد، ڪانسٽيبل صمند خان شهيد، ڪانسٽيبل عبدالحميد، ڪانسٽيبل زاميل بادشاهه، ڪانسٽيبل حفيظ الله شهيد، ڪانسٽيبل محمد سراج خان شهيد، ڪانسٽيبل محمد جاويد شهيد، ڪانسٽيبل امان الله شهيد، ڪانسٽيبل اقرار سيد شهيد، سيد اقرار حسين رضوي شهيد، انسپيڪٽر شارق رضوان شهيد، نائيڪ گلزار علي شهيد، سپاهي عزير خان شهيد، سپاهي خطاب الرحمان شهيد، سپاهي گل عمرزئي شهيد، نائب صوبيدار محمد جان شهيد، لانس نائيڪ سيد الرحمان، سپاهي حضرت الله شهيد، سپاهي خانزاده شهيد، سپاهي مشتاق احمد شهيد، سپاهي عبدالسميد شهيد، سپاهي عمران خان شهيد، سپاهي بصيرالله شهيد، سپاهي مهتاب الرحمان شهيد، سپاهي شير رحمان شهيد، سپاهي فضل ڪريم شهيد، سپاهي محمد يوسف شهيد، ڪانسٽيبل محمد شهريار شهيد، فيصل اسماعيل شهيد، عبدالوڪيل شهيد، اي ايس آءِ نور حڪيم شهيد، ڪانسٽيبل زاهد الله شهيد، فضل منان شهيد ۽ لياقت علي شهيد شامل آهن. ستاره امتياز جو اعزاز گهرو سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) محمد خرم آغا، ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان، نبيل منير، افتخار امجد، ليفٽيننٽ (ر) سهيل اشرف، ڊاڪٽر نسيم فراز، جاويد اڪبر رياض، برگيڊيئر فيصل شوڪت جهانگيري، احمد عبدالمعاز، عرفان احسن، حمزه تاباني، ڊاڪٽر ارشد ريحان، منير احمد چوڌري مرحوم، محمد ياسين خان، ارشد ولي محمد، احمد رضا، پروفيسر سرور محمد خواجه، همره عباس، جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاهه مرحوم، نديم حسين ۽ نعيم محبوب حاصل ڪيو. حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي اعزاز جو اعزاز راشد وحيد خواجه ۽ زاهد احمد حاصل ڪيو. ستاره خدمت جو اعزاز محمد سعيد شيخ کي ڏنو ويو. تمغه شجاعت جو اعزاز شاهد حسين کي عطا ڪيو ويو. تمغه امتياز جو اعزاز حاصل ڪندڙن ۾ جاويد اڪبر اوڍو، نادر شفيع ڊار، ڊاڪٽر محمد شهباز چوڌري، محمد ڪاشف اشفاق، چوڌري امانت حسين مهر، ڊاڪٽر فرحت اختر راجا، ڊاڪٽر خرم حيات خان، ڊاڪٽر محمد شبيهه احمد، ڊاڪٽر ذيشان علي، سيد زاهد حسين شاهه، راجا سلمان رضا، ساجد عباس، نويد انور چوڌري، عبدالوحيد خان، عبدالوهاب شيخ، وقاص الحسن، شازيه سڪندر، محسن نواز، محمد ارسلان ظفر، سيد عبدالمحب شاهه، ڊاڪٽر رائو ڪامران علي، ڊاڪٽر عمران سيد، ڊاڪٽر محمد نعيم ملڪ، ناصر آفتاب، پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، عامر جاويد شيخ، ڊاڪٽر انعم فاطمه، ڪيپٽن (ر) قاضي علي رضا، ڪيپٽن (ر) چوڌري اويس افضل، صاحبزاده محمد يوسف، وسيم احمد، پروفيسر محمد طيب، ناديه جهانگير سيٺ ۽ ضياءَ الحسن لنجار شامل آهن. ايوان صدر ۾ سول اعزاز ورهائڻ جي تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سول ۽ فوجي عملدارن ۽ غيرملڪي سفارتن سميت زندگي جي مختلف شعبن ۾ سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.











