اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار آءِ بي آءِ پاڪستان ڊيجيٽل اڪانومي هيڊڪوارٽر جو افتتاح ڪندي ان کي پاڪستان ۽ چين جي پراڻي حصيداري جي هڪ طاقتور علامت ۽ ڊيجيٽل تعاون جي نئين دور جي شروعات قرار ڏنو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته آءِ بي آءِ هيڊڪوارٽر جو قيام پاڪستان – چين اسٽريٽجڪ حصيداري …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پاران آءِ بي آءِ پاڪستان ڊيجيٽل اڪانومي هيڊڪوارٽر جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار آءِ بي آءِ پاڪستان ڊيجيٽل اڪانومي هيڊڪوارٽر جو افتتاح ڪندي ان کي پاڪستان ۽ چين جي پراڻي حصيداري جي هڪ طاقتور علامت ۽ ڊيجيٽل تعاون جي نئين دور جي شروعات قرار ڏنو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته آءِ بي آءِ هيڊڪوارٽر جو قيام پاڪستان – چين اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ هڪ انقلابي سنگ ميل آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ان ويزن کي اجاگر ڪيو جنهن تحت پاڪستان کي ڊيجيٽل جدت جو علائقائي مرڪز بڻايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جي حصيداري هاڻي قراقرم هاءِ وي ۽ سي پيڪ توانائي منصوبن جهڙي روايتي انفراسٽرڪچر کان اڳتي وڌي هٿرادو ذهانت (اي آءِ)، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) ۽ ڊيجيٽل رابطاڪاري طرف منتقل ٿي رهي آهي. هن چيو ته اڄ اسان رستن کان نيٽ ورڪس طرف ۽ فزيڪل انفراسٽرڪچر کان ڊيجيٽل تعمير طرف وڌي رهيا آهيون، اسان اڄ اسلام آباد ۾ آءِ بي آ هيڊڪوارٽر جي افتتاح سان گڏ هڪ ڊيجيٽل سلڪ روڊ تعمير ڪري رهيا آهيون. نائب وزيراعظم چيو ته سي پيڪ 2.0 تحت تعاون هاڻي روايتي شعبن کان اڳتي وڌندي ڊيجيٽل تبديلي، سمارٽ سٽيز ۽ ماحولياتي استحڪام تائين پکڙجي رهيو آهي. هن مهانگائي ۾ گهٽتائي، جي ڊي پي ۾ اضافي ۽ پاليسي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جهڙن مثبت معاشي انگن اکرن جو ذڪر ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت پاڪستان کي ٻيهر دنيا جي ٽاپ 20 معيشتن ۾ شامل ڪرڻ جي روڊ ميپ تي گامزن آهي. دنيا جي پنجين وڏي آبادي ۽ نوجوانن جي تيزي سان وڌندڙ انگ جو حوالو ڏيندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان هاڻي “پنهنجي وقت جو منتظر” نه آهي پر آءِ ٽي جي بي پناهه صلاحيت ۽ عالمي مسابقت جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن بيجنگ يونائيٽيڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چوندي چيو ته ان جو پليٽ فارم جيڪو چين جي 100 صنعتي شعبن ۾ لکين ڪاروباري ادارن کي خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي معيشت تي عالمي اعتماد جو مظهر آهي. هن چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو جنهن پيشيواراڻي انداز ۾ بزنس ٽو بزنس (بي 2 بي) فورمز منعقد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن ٻڌايو ته چين جي تازي دورن دوران طئي ٿيندڙ 10 ارب ڊالر جي مفاهمتي معاهدن (ايم او يوز) مان 30 سيڪڙو منصوبا حتمي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو جنهن دوران هڪ اهم بزنس ٽو بزنس فورم پڻ منعقد ٿيندو ته جيئن واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي چيو ته جيڪڏهن ايميزون ۽ علي بابا صارفين جي شين جي اي ڪامرس جا وڏا پليٽ فارمز آهن ته آءِ بي آءِ صنعتي شين جي اي ڪامرس جو وڏو پليٽ فارم آهي. هن ٻڌايو ته آءِ بي آءِ هڪ فارچيون 500 ڪمپني آهي جيڪا شنگهائي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ آهي. خليل هاشمي چيو ته آءِ بي آءِ جي شروعات پاڪستان خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي لاءِ هڪ وڏو معاشي موقعو فراهم ڪري ٿو جنهن جي ذريعي انهن کي چين جي وسيع منڊي تائين پهچ حاصل ٿيندي جنهن ۾ زراعت، پاڻي زراعت ۽ صنعتي مصنوعات شامل آهن ۽ چين جي ذريعي عالمي منڊين تائين پڻ رستو کلندو. هن چيو ته ڊيجيٽل صنعتي تعاون کي فروغ ڏئي ۽ حڪومتي ۽ ڪارپوريٽ وسيلن کي گڏ ڪري آءِ بي آءِ اعلى سطحي قيادت جي ويزن کي عملي نتيجن ۾ تبديل ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان ٻن وڏين تبديلين جي ميلاپ پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي ۽ ڊيجيٽل معيشت جي تيزي سان اڀرندڙ دور جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون. تقريب ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر پڻ خطاب ڪيو.











