اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ايڪسٽينڊ فنڊ فيسلٽي (اي ايف ايف ) ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي (آر ايس ايف ) پروگرامن تحت 1.3 ارب ڊالر ملي ويا آهن. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري بيان مطابق آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ 8 مئي 2026ع تي ٿيل اجلاس ۾ اي ايف ايف پروگرام جي ٽين جائزي جي مڪمل ٿيڻ …
اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف پروگرام تحت 1.3 ارب ڊالر ملي ويا

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ايڪسٽينڊ فنڊ فيسلٽي (اي ايف ايف ) ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي (آر ايس ايف ) پروگرامن تحت 1.3 ارب ڊالر ملي ويا آهن. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري بيان مطابق آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ 8 مئي 2026ع تي ٿيل اجلاس ۾ اي ايف ايف پروگرام جي ٽين جائزي جي مڪمل ٿيڻ بعد پاڪستان لاءِ 760 ملين ايس ڊي آر جي قسط جي منظوري ڏني هئي. انهي اجلاس ۾ آر ايس ايف پروگرام تحت 154 ملين ايس ڊي آر جي ٻين قسط جي به منظوري ڏني وئي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق 12 مئي 2026ع تي آءِ ايم ايف طرفان مجموعي طور تي 914 ملين ايس ڊي آر، جيڪا اٽڪل 1.3 ارب آمريڪي ڊالر جي برابر آهي ملي وي آهي. اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته اها رقم 15 مئي 2026ع تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران ملڪي مٽاسٽا واري ناڻي ۾ شامل ڪئي ويندي.











