چين جو آمريڪا طرفان تائيوان خطي کي هٿيار وڪرو ڪرڻ جي مخالفت جو موقف مستقل ۽ واضع آهي: چين جو پرڏيهي وزير

بيجنگ- 13 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي ته چين جو آمريڪا طرفان چين جو تائيوان جي خطي کي هٿيار وڪرو ڪرڻ جي مخالفت جو موقف مستقل ۽ واضع آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجيا ڪون چين - آمريڪا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي حوالي سان چين ۽ آمريڪا جا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا گڏيل مفادن ۽ گڏيل ڪاميابي تي قائم آهن. هن چيو ته ڌرين …

بيجنگ- 13 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي ته چين جو آمريڪا طرفان چين جو تائيوان جي خطي کي هٿيار وڪرو ڪرڻ جي مخالفت جو موقف مستقل ۽ واضع آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجيا ڪون چين – آمريڪا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي حوالي سان چين ۽ آمريڪا جا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا گڏيل مفادن ۽ گڏيل ڪاميابي تي قائم آهن. هن چيو ته ڌرين کي گهرجي ته ٻنهي ملڪن جا سربراهه طئي ٿيل اهم اتفاق راءِ تي گڏيل طورتي عملدرآمد ڪن ته جيئن چين آمريڪا اقتصادي ۽ واپاري سهڪار ۽ عالمي معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام پيدا ڪري سگهجي. آمريڪي صدر ٽرمپ چين جي دوري دوران چين – آمريڪا لاڳاپن جي عالمي امن ۽ ترقي بابت اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. گوجياڪون چيو ته چين جو آمريڪا طرفان چين جي تائيوان خطي کي هٿيار وڪرو ڪرڻ جي مخالفت جو موقف مستقل ۽ واضع آهي. هانگ ڪانگ جي ڪمپنين سميت 12 ماڻهن ۽ ادارن تي آمريڪي ناڻي واري کاتي طرفان پابندي لاڳو ڪرڻ جي فيصلي جي حوالي سان گوجيان ڪون چيو ته چين عالمي قانون جي بنياد ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي منظوري کانسواءِ لاڳو ڪيل هڪ طرفي ۽ غير قانوني پابندين جي سخت مخالفت ڪري ٿو ۽ پنهنجي ادارن ۽ ڪمپنين جي جائز ۽ قانوني حقن ۽ مفادن جو ڀرپور تحفظ جاري رکندو.

مزید خبریں