آمريڪي ايئر فورس جي تربيتي جهاز سان حادثو، ٻئي پائليٽ محفوظ رهيا

واشنگٽن- 13 مئي (اي پي پي) آمريڪي ايئر فورس جو تربيتي جهاز الباما رياست جي فيٽي ڪائونٽي ۾ حادثي جو شڪار ٿي پيو. جڏهن ته ٻئي پائليٽ محفوظ رهيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياست ميسپي ۾ ڪولمبس ايئر فورس بيس پنهنجي بيان ۾ حادثي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ايئر فورس جو تربيتي جهاز ٽي -38 ٽيلون ٽو حادثي جو شڪار ٿي پيو، پر ٻئي پائليٽ حفاظت سان ايجيڪٽ …

واشنگٽن- 13 مئي (اي پي پي) آمريڪي ايئر فورس جو تربيتي جهاز الباما رياست جي فيٽي ڪائونٽي ۾ حادثي جو شڪار ٿي پيو. جڏهن ته ٻئي پائليٽ محفوظ رهيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياست ميسپي ۾ ڪولمبس ايئر فورس بيس پنهنجي بيان ۾ حادثي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ايئر فورس جو تربيتي جهاز ٽي -38 ٽيلون ٽو حادثي جو شڪار ٿي پيو، پر ٻئي پائليٽ حفاظت سان ايجيڪٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا. امدادي ٽيمون فوري طورتي موقعي تي پهچي ويون. فوجي اختيارين مطابق حادثي جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته ايئر فورس سيفٽي انويسٽي گيشن بورڊ ان واقعي جي جاچ ڪندو.

مزید خبریں