ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن ۾ ملڪي معيشت جي ترقي ۽ برآمدات ۾ اضافي جي ڀرپُور صلاحيت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن ۾ ملڪي معيشت جي ترقي ۽ برآمدات ۾ اضافي جي ڀرپُور صلاحيت آهي، ڪمرشل بينڪن طرفان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي آسان قرضن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن ۾ ملڪي معيشت جي ترقي ۽ برآمدات ۾ اضافي جي ڀرپُور صلاحيت آهي، ڪمرشل بينڪن طرفان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي آسان قرضن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي صنعتن جي ترقي لاءِ حڪومتي قدمن بابت جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. سميڊا طرفان وزيراعظم جي هدايتن تي عمل درآمد تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ننڍيُون ۽ وچولي درجي جُون صنعتُون ملڪي معيشت جي ترقي ۽ برآمدات ۾ اضافي جي ڀرپُور صلاحيت رکن ٿيُون. اها خوشي جي ڳالهه آهي ته هارون اختر ۽ سندس سميڊا ٽيم ننڍي ۽ وچولي صنعتن کي آسان قرض فراهم ڪرڻ، ڊجيٽل فنانسنگ، رسمي معيشت ۾ شموليت ۽ برآمدي منڊين تائين پهچ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سميڊا ۽ صنعتن جي وزارت پاران جوڙيل روڊ ميپ اطمينان بخش آهي، مقرر ڪيل مُدي دوران حاصل ٿيندڙ هدفن سان گڏ عملدرآمد جو لائحه عمل پيش ڪيو وڃي، ڪمرشل بينڪن پاران ننڍي ۽ وچولي پيماني جي صنعتن کي آسان قرض فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، زراعت ۾ پروسيسنگ شعبن کي ننڍي ۽ وچولي پيماني جي صنعتن جو درجو ڏنو وڃي، ننڍي ۽ وچولي پيماني جي صنعتن ۾ عورتن جي شموليت لاءِ کنيل قدم خوش آئينده آهن، عورتن جي آسان قرضن تائين پهچ ۽ شين جي برآمدات ۾ تعاون جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اجلاس کي سميڊا، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۽ اسٽيٽ بينڪ پاران بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سميڊا وزيراعظم جي هدايتن موجب ننڍي ۽ وچولي پيماني جي صنعتن جي ترقي لاءِ 8 اسٽريٽجڪ شعبن ۾ 48 قدمن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، جيڪي ايندڙ ٻن ۽ چئن سالن ۾ مرحليوار ترقي جا هدف حاصل رڪڻ کي يقيني بڻائيندا. اجلاس ۾ موجوده سال جي هدفن ۽ انهن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. هلندڙ سال، روڊ شوز ۽ نمائشن وسيلي مقامي ۽ برآمدي مارڪيٽن تائين پهچ، بينڪن پاران آسان شرطن ۽ گهٽ لاڳت وارن قرضن جي فراهمي ذريعي سيڙپڪاري ۾ اضافي، وينڊر پروفائلنگ سان ويليو چينز جي مضبوطي، ايس ايم اي ڊيٽا بيس جي قيام سان رسمي ميعشت ۾ شمُوليت جي قدمن ۽ انگن اکرن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي سميڊا بورڊ جي قدمن ۽ ايس ايم ايز جي ترقي لاءِ تربيتي پروگرامن جي حوالي سان کنيل قدمن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ۾ ايس ايم ايز جي ترقي لاءِ مقرر ڪيل هدفن ۽ انهن تي عملدرآمد تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل مالي سال ۾ نجي شعبي کي فراهم ڪيل قرض 1.1 ٽريلين روپيا هو، جڏهن ته هن سال ٽن ٽماهين ۾ ئي قرض 904 ارب رپين جو هدف پار ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي قرضن ۾ 28 سيڪڙو اضافو شامل آهي. ان بنياد تي مالي سال 2028ع تائين ايس ايم ايز کي قرضن جي فراهمي جي هدف کي 1100 ارب رپين مان وڌائي 1500 ارب روپيا ڪيو ويو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪمرشل بينڪن پاران قرضن جي فراهمي جي حوصلا افزائي لاءِ اسٽيٽ بينڪ وڌيڪ قدم کڻي رهي آهي. ننڍي ۽ وچولي صنعتن جي برآمدي منڊي تائين پهچ ۽ برآمدي قرضن تي روشني وجهندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي ايس ايم ايز کي ايڪسپورٽ فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ جُدا ونڊو قائم ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ انهن قدمن کانپوءِ 41 نون ايس ايم ايز انهن قدمن مان لاڀ پرائڻ لاءِ شمُوليت اختيار ڪئي. وزيراعظم خاص مددگار هارون اختر، سميڊا جي ٽيم ۽ صنعت واري وزارت جي قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ اهي قدم لاڳو ڪرڻ ۽ هدف حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ڄام ڪمال خان، ڊاڪٽر مسعود مصدق ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، قومي اسيمبلي ميمبر سيده نوشين افتخار، محسن شاهنواز رانجھا، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد، سميڊا جي سي اي او ناديه ستي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں