اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻ ۽ اڳواٽ اطلاع واري نظام کي فعال بڻائي خطري وارن علائقن جي مسلسل نگراني يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان موسمياتي تبديلي جي وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي هن …
وزيراعظم پاران سانوڻي جي لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻ ۽ اڳواٽ اطلاع واري نظام کي فعال بڻائي خطري وارن علائقن جي مسلسل نگراني جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻ ۽ اڳواٽ اطلاع واري نظام کي فعال بڻائي خطري وارن علائقن جي مسلسل نگراني يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان موسمياتي تبديلي جي وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي هن سال جي سانوڻي جي مُند جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي جابلو علائقن ۾ برفاني ڍنڍن ۽ تيز ٻوڏ بابت اڳواٽ اطلاع وارو نظام نصب ڪرڻ جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان جي ڪارڪردگي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته هن سال سانوڻي جُون اڳواٽ تياريون ڪيون وڃن، اڳواٽ اطلاع جي نظام کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي ۽ خطري وارن علائقن جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻايو وڃي.











