اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پارليامينٽ هائوس ۾ بيلجيئن شاهي وفد جو شاندار استقبال ڪيو، جنهن ۾ هزهائنس پرنس ايڊورڊ ڊي لائن لاٽريموئيل ۽ هرهائنس شهزادي ازابيلا ۽ سيني ڊي لائن لا ٽريموئيل شامل هئا. ملاقات دوران ٻنهي طرفان خوشگوار ماحول ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سفارتڪاري، علائقائي صورتحال ۽ پاڪستان ۽ بيلجيئم وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رُخن …
سينيٽ چيئرمين جي بيلجيئن شاهي وفد سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پارليامينٽ هائوس ۾ بيلجيئن شاهي وفد جو شاندار استقبال ڪيو، جنهن ۾ هزهائنس پرنس ايڊورڊ ڊي لائن لاٽريموئيل ۽ هرهائنس شهزادي ازابيلا ۽ سيني ڊي لائن لا ٽريموئيل شامل هئا. ملاقات دوران ٻنهي طرفان خوشگوار ماحول ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سفارتڪاري، علائقائي صورتحال ۽ پاڪستان ۽ بيلجيئم وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رُخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام طرفان بيليجيئم جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ناتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته معزز وفد جو دؤرو پاڪستان ۽ بيليجيئم وچ ۾ پُراڻي دوستي، گڏيل خيرسگالي ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ جو مظهر آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان بيلجيم سان پنهنجي دوستاڻن ناتن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان کي يورپ ۾ هڪ اهم ڀائيوار سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان – بيلجيئم لاڳاپا گڏيل احترام، جمهوري قدرن ۽ ٻه طرفي ۽ گهڻ رُخي فورمز تي تعميري سهڪار تي ٻَڌل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته يورپي ادارن جي ميزبان ملڪ جي حيثيت سان بيلجيئم پاڪستان جا يورپ سان رابطن لاءِ هڪ اهم دَر جي حيثيت رکي ٿو. هن پاڪستان جي، جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان بيلجيئم جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ معاشي سهڪار کي هٿي ملندي. پارلياماني سفارتڪاريءَ جي اهميت تي زور ڀريندي سينيٽ چيئرمين چيو ته سينيٽ آف پاڪستان سڄي دنيا جي پارلياماني ادارن سان ڳالهين ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽيرينز ۽ ادارن وچ ۾ رابطن ۾ واڌ گڏيل افهام ۽ تفهيم کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ جمهوري طرزِ حڪمراني ۽ پاليسي سازيءَ جي تجربن جي مٽاسٽا ۾ معاون ثابت ٿيندو. سينيٽ چيئرمين عالمي اسپيڪر ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي اهميت کي به اجاڳر ڪيو، جنهن جي شروعات سندس قيادت ۾ اپريل 2025ع ۾ ڪئي وئي هئي. هن ان فورم کي پارلياماني سفارتڪاريءَ ذريعي عالمي امن، سهڪار ۽ جامع ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم قرار ڏنو. هن نومبر 2025ع ۾ اسلام آباد ۾ رٿيل پهرين آءِ ايس سي ڪانفرنس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ۾ 39 ملڪن جي پارلياماني وفدن شرڪت ڪئي، جنهن سان هي عالمي امن ۽ ترقياتي چئلينجز تي ڳالهين جو هڪ اهم فورم بڻجي ويو. هن مستقبل ۾ ان ڪانفرنس ۾ بيلجيئم جي فعال شرڪت جي اميد به ظاهر ڪئي. معاشي سهڪار تي ڳالهيون ڪندي سينيٽ چيئرمين بيلجيئم چيو ته يورپ پاڪستان جو هڪ معاشي ڀائيوار آهي ۽ پاڪستاني روانگي واپار لاءِ هڪ وڏو واپاري لاجسٽڪ مرڪز جي حيثيت رکي ٿو. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين تڪرارن جي پُرامن حل، ڳالهين تي ٻَڌل سفارتڪاري ۽ علائقائي استحڪام جي حق ۾ پاڪستان جي اصولي مؤقف جو ورجاءُ ڪيو. هن وچ اوڀر ۾ امن ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اپريل 2026ع ۾ ٿيل تازيو جنگبندي معاهدو خطي ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام جي قيام ۾ مددگار ثابت ٿيندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته ڀارت گذريل سال ڪُوڙي پروپيگنڊا ذريعي پاڪستان تي جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته پاڪستان ذميداري، تحمل ۽ دانشمنداڻيءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجو دفاع ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جي قيادت ۽ بهادريءَ کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. بيلجيئم شهزادي ۽ سينيٽ چيئرمين پاران شاندار استقبال تي شڪريو ادا ڪيو ۽ عالمي طح تي امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته يورپي ملڪ عالمي امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جون سفارتي ڪوششون وسيع عالمي تڪرارن کي روڪڻ ۽ عالمي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي سينيٽ چيئرمين معزز بيلجيئن وفد کي پاڪستان جو دؤرو ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪندي بيلجيئم سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن، معاشي سهڪار ۽ عوامي سطح تي ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي زور ڀريندي بيلجيئم جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين سان سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر راجا ناصر عباس، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر منظور احمد ڪاڪڙ، سينيٽر جان محمد، سينيٽر راڻا ثناءُ الله، سينيٽر ڪامل علي آغا، سينيٽر سيد علي ظفر، سينيٽر فيصل جاويد ۽ سينيٽ جا اعليٰ عملدار شامل هئا.











