اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سينيٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف فيصل آباد موٽر وي جي بحاليءَ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر عابد شير علي طرفان پنڊي ڀٽيان- فيصل آباد موٽر وي جي مختلف حصن ۾ پوندڙ کَڏن ۽ فوري مرمت ۽ سارسنڀال بابت ڌيان ڇڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي …
وزيراعظم شهباز شريف فيصل آباد موٽروي جي بحاليءَ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سينيٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف فيصل آباد موٽر وي جي بحاليءَ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر عابد شير علي طرفان پنڊي ڀٽيان- فيصل آباد موٽر وي جي مختلف حصن ۾ پوندڙ کَڏن ۽ فوري مرمت ۽ سارسنڀال بابت ڌيان ڇڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻُڌايو ته وزيراعظم ان موٽر وي کي 4 کان 6 لائينن ۾ ڪرڻ جي به هدايت جاري ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ موٽر ويز جو ڄار وڇائڻ جو ڪريڊٽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. ٻئي پاسي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ايوان کي ٻُڌايو ته ڏکڻ وزيرستان جي بي گهر متاثرن جي بحالي ۽ معاوضي جي فنڊن جي تقسيم ڪي پي ڪي حڪومت ڪئي. هو سينيٽر دوست محمد خان جي ان ڌيان ڇڪرايو نوٽيس جو جواب ڏئي رهيو آهي جنهن ۾ 2008ع ۽ 2009ع دوران مختلف سيڪيورٽي آپريشن سبب متاثر ٿيل ڏکڻ وزيرستان جي رهواسين کي بحالي ۽ معاوضي جي فنڊز جي عدم ادائگيءَ جو معاملو اُٿاريو ويو هو. مملڪتي وزير واضح ڪيو ته فنڊز جي ورڇ جي عمل ۾ وفاقي حڪومت جو ڪردار صرف لاجسٽڪ معاونت تائين محدود هو. هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت طرفان هاڻ تائين تقسيم ڪيل فنڊز جا تفصيلي فراهم ناهن ڪيا ويا.











