لاهور- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف، ايم پي اي محمد ايوب جي گهرڀاتين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري دلي همدردي جو اظهار ڪيو. پارٽي ترجمان مطابق محمد نواز شريف، محمد ايوب جي خيريت دريافت ڪئي ۽ سندس جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. هن، اِن افسوسناڪ واقعي ۾ فوتين جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. محمد نواز …
محمد نواز شريف پاران ايم پي اي محمد ايوب جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار

مزید خبریں
لاهور- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف، ايم پي اي محمد ايوب جي گهرڀاتين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري دلي همدردي جو اظهار ڪيو. پارٽي ترجمان مطابق محمد نواز شريف، محمد ايوب جي خيريت دريافت ڪئي ۽ سندس جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. هن، اِن افسوسناڪ واقعي ۾ فوتين جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. محمد نواز شريف، ڏکويل خاندان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک ۽ آزمائش جي ان گهڙي ۾ پوري مسلم ليگ (ن) توهان سان گڏ بيٺل آهي. توهان جو غم اسان جو غم آهي.











