اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ موسم شديد گرم، مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي سگهي ٿي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، پوٺوهار خطي، ڪشمير ۽ گلگت …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ موسم شديد گرم، مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي سگهي ٿي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، پوٺوهار خطي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن، آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات پئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته ڏاکڻين علائقن ۾ شديد گرم رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت ۾ 47، لسٻيلو ۾ 46، سبي، جيڪب آباد، دادو ۽ گوادر ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











