وزيراعظم شهباز شريف پاران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عملدرآمد جي هدايت

اسلام آباد - 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عملدرآمد جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ …

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عملدرآمد جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ امن امان جي صورتحال ۽ گهرو وزارت جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عملدرآمد ۽ ايف آءِ اي سميت گهرو وزارت جي ماتحت سمورن ادارن ۾ ڀرتيون نج ميرٽ جي بنياد تي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته جديد سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهلڪارن کي جديد تربيت ۽ مهارتن سان ليس ڪيو وڃي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بهترين اوزارن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ پيشيواراڻي ساز و سامان جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ جيل فعال ٿي ويندي. وفاقي گهرو وزير اجلاس کي ايف آءِ اي، اسلام آباد پوليس، اين سي سي آءِ اي، فيڊرل ڪانسٽيبلري، سي ڊي اي ۽ گهرو وزارت جي ماتحت ٻين ادارن جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں