وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد - 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام …

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ انتهائي گرمجوشي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران هنن گڏيل مبارڪباد جي پيغامن جي مٽاسٽا ڪئي ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن ۽ دوستي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ايندڙ هفتي باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ اربن فورم جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته آذربائيجان جي قيادت ۾ اهو فورم عالمي شهري ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ موثر ۽ اهم پليٽ فارم ثابت ٿيندو. وزيراعظم لازمي سرڪاري مصروفيتن جي ڪري ذاتي طور تي فورم ۾ شرڪت ڪرڻ کان معذرت ڪئي جڏهن ته هن چيو ته پاڪستان جي فورم ۾ اعلى سطحي نمائندگي هوندي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن خطي جي صورتحال خاص طور تي وچ اوڀر ۾ جاري امن ڪوششن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر عليوف ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي جي لاءِ پاڪستان جي انتهائي ڪامياب سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهو پاڪستان ۽ ان جي قيادت تي عالمي برادري جي اعتماد ۽ ڀروسي جو واضح مظهر آهي. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ هلندڙ سال جي آخر ۾ ملاقات جي اميد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم صدر عليوف کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي پرخلوص دعوت جو ورجاءُ پڻ ڪيو.

مزید خبریں