اسلام آباد - 12 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار طبي، ڊينٽسٽري ۽ متبادل طب جي تعليمي ادارن جي منظوري بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪميٽي لاڳاپيل قانونن تحت ميڊيڪل، ڊينٽسٽري ۽ متبادل طب جي تعليمي ادارن جي منظوري بابت معاملن جو جائزو ورتو ۽ انهن تي غور ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير معيار …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ طبي، ڊينٽسٽري ۽ متبادل طب جي تعليمي ادارن جي منظوري بابت ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار طبي، ڊينٽسٽري ۽ متبادل طب جي تعليمي ادارن جي منظوري بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪميٽي لاڳاپيل قانونن تحت ميڊيڪل، ڊينٽسٽري ۽ متبادل طب جي تعليمي ادارن جي منظوري بابت معاملن جو جائزو ورتو ۽ انهن تي غور ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير معيار جي خاطري ۽ عالمي معيارن تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. ڪميٽي وڌيڪ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٻاهرئين ملڪ طبي تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند پاڪستاني شاگردن کي مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کان بچڻ جي لاءِ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل پاران مقرر ڪيل اڳواٽ رجسٽريشن جي عمل جي پابندي ڪرڻي پوندي. اجلاس ۾ قومي صحت واري وفاقي وزير، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، خاص معاون طارق باجوه، صحت واري سيڪريٽري، تعليم واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.










