ٽيڪسٽائل شعبو ملڪي روانگي واپار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب معاشي ترقي ۽ روانگي واپار ۾ ٽيڪسٽائل شعبي جي اهميت کي تسليم ڪندي صنعت طرفان تجويزن ۽ سفارشن جو بجيٽ سازيءَ جي عمل ۾ تفصيلي جائزو وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي پاڪستان جي ٽيڪسٽائل ۽ ريڊيميڊ ڪپڙن جي صنعتن جي اعليٰ سطح جي وفد سان تفصيلي ملاقات ۾ …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب معاشي ترقي ۽ روانگي واپار ۾ ٽيڪسٽائل شعبي جي اهميت کي تسليم ڪندي صنعت طرفان تجويزن ۽ سفارشن جو بجيٽ سازيءَ جي عمل ۾ تفصيلي جائزو وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي پاڪستان جي ٽيڪسٽائل ۽ ريڊيميڊ ڪپڙن جي صنعتن جي اعليٰ سطح جي وفد سان تفصيلي ملاقات ۾ ڪئي. وفد ۾ سڄي ملڪ مان ناليوارن چيمبرز، ايسوسيئيشنز، روانگي واپار ڪندڙ ۽ صنعت سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفد وفاقي بجيٽ 27-2026ع لاءِ تجويزن ۽ سفارشن تي ٻَڌل جامع پيڪيج پيش ڪيو، جنهن جو مقصد ملڪ جي ٽيڪسٽائل صنعت ۽ روانگي واپار جي شعبي جي چٽاڀيٽي، پائيداري ۽ ڊگهي مُدي واري ترقي کي مضبوط بنائڻ هو. وفد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٽيڪسٽائل جو شعبو پاڪستان جي معيشت ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هي روانگي واپار، روزگار جي فراهمي، صنعتي سرگرمين ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي حاصل ڪرڻ جو هڪ وڏو ذريعو آهي، صنعت جي بدلجندڙ عالمي مارڪيٽ ۽ وڌندڙ علائقائي مقابلي جو اثرائتي انداز ۾ مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ مستحڪم، ترقي دوست ۽ عالمي معيار موجب چٽاڀيٽي پاليسي ماحول فراهم ڪرڻ ضروري آهي. وفد ٽيڪس سڌارن، توانائي جي مناسب قيمتن، روانگي واپار ۾ سهولت، صنعتي جديدڪاري، مالياتي رواني، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪاروبار ۾ آسانيءَ بابت ڪيتريون ئي پاليسي سفارشون پيش ڪيون. انهن تجويزن جو مقصد پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي، صنعتي سگهه ۾ واڌ، روانگي واپار ڪندڙن جي مالي پوزيشن کي بهتر بنائڻ، ٽيڪنالاجي جي اپ گريڊيشن جي حوصله افزائي ۽ سيڙپڪار دوست ۽ اڳواٽ وارن قدمن کي ڪاروبار جوڳو ماحول پيدا ڪرڻ هو. صنعتي نمائندن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وقت سر پاليسي معاونت ۽ ڍانچي جاتي سڌارا پاڪستان جي روانگي واپار ۾ چٽاڀيٽيءَ کي بهتر بنائڻ، ويلو ايڊڊ مينيوفيڪچرنگ کي هٿي وٺرائڻ، ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي حاصل ڪرڻ ۽ عالمي سپلاءِ چين لاڳو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سندس چوڻ هو ته روانگي واپار ڪندڙن لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول صنعتي توسيع، روزگار ۾ واڌ ۽ معاشي ترقيءَ کي هٿي وٺرائيندو، ان سان مالياتي استحڪام ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۾ به مدد ملندي. وفد پُراڻي انتظاميه ۽ ڍانچه جاتي مسئلن جي حل جي ضرورت تي به زور ڀريو جيڪو صنعتي پيداواريت ۽ روانگي واپار جي ڪارڪردگيءَ کي متاثر ڪري رهيو آهي، جن ۾ اثرائتي ريفنڊ نظام، توانائيءَ جي قيمتن جو معقول تعين، روانگي واپار ڪندڙن لاءِ سهولت ۽ ڪاروباري ضابطن جي پيچيدگين ۾ گهٽتائي شامل آهي. ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته اهڙن سڌارن سان روڪ رقم جي وهڪري جي انتظام ۾ بهتري، سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ۽ صنعتن جي توسيع، جديدڪاري ۽ افرادي قوت جي ترقيءَ تي وڌيڪ وسيلا خرچ ڪرڻ جا موقعا ملندا. تجويزن ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته اهڙي پاليسي جوڙي وڃي جيڪا جدت جي حوصله افزائي ڪري، ويليو ايڊيشن کي هٿي ڏي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي سهولت فراهم ڪري ۽ عالمي طلب جي بدلجندڙ رجحانن موجب صنعتي جدت کي وڌائي. وفد چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائل شعبي جي چٽاڀيٽي ۾ بهتريءَ سان روانگي واپار، صنعتي پيداوار، روزگار ۽ معاشي استحڪام ۾ واڌ ذريعي پوري معيشت تي هاڪاري اثر جُڙندا. ناڻي واري وزير ٽيڪسٽائل شعبي جي نمائندن طرفان پيش ڪيل تعميري تجويزن ۽ قيمتي راين کي ساراهيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ڪاروباري برادري سان باقاعده ۽ بامعنيٰ مشاورت جاري رکندي جنهن لاءِ ناڻي واري وزير ٽيڪس پاليسي آفيس ذريعي چيمبرز، واپاري ادارن ۽ ايسوسيئيشنز سان سڄو سال رابطو ڪيو ويندو ته جيئن مشاورت جي عمل کي اداره جاتي شڪل ڏئي سگهجي. هن چيو ته انهن قدمن جو مقصد صرف بجيٽ کان ڪجهه مهينا اڳ محدود مشاورت جي اڳوڻي روايتن کي ختم ڪرڻ ۽ وڌيڪ مؤثر، شفاف ۽ جوابده معاشي پاليسي سازي کي يقيني بنائڻ آهي. ناڻي واري وزير معيشت جي اهم شعبن ۾ شفافيت، دستاويزي نظام ۽ بهتر ٽيڪس تعميل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽمز کي لاڳو ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن وفد کي آگاهه ڪيو ته کنڊ، سيمنٽ، شربتن ۽ تماڪ سميت ڪيترن ئي وڏن شعبن ۾ ڊجيٽل مانيٽرنگ جو نظام پهرين ئي لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ اهي قدم بنا فرق جي سمورن ادارن تي لاڳو ڪيا ويا آهن، انهن شعبن ۾ به جتي وزيراعظم جي خاندان سان واڳيل ڪاروباري يونٽس موجود آهن. سندس چوڻ هو ته انهن قدمن جو مقصد ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل نظام ذريعي شفافيت، ڪارڪردگي، منصفاڻي مقابلي ۽ محصولن جي انٽظام کي بهتر بنائڻ آهي. ناڻي واري وزير ٽيڪسٽائل شعبي کي صنعت ۾ ان ئي نوعيت جي ڊجيٽل مانيٽرنگ نظام ترجيح تي لاڳو ڪرڻ ۾ حڪومت سان سهڪار ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ٻُڌايو ويو ته ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي ڪجهه ايسوسيئيشنز ۽ صنعتي يونٽس ان معاملي تي پهرين ايف بي آر ٽيمن سان رابطي ۾ آهن ۽ ڪجهه يونٽس ۾ شروعاتي پائليٽ منصوبا به شروع ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزير معاشي ترقي ۽ روانگي واپار ۾ ٽيڪسٽائل شعبي جي اهميت کي تسليم ڪندي خاطري ڪرائي ته اجلاس ۾ پيش ڪيل تجويزن ۽ سفارشن جو بجيٽ سازيءَ جي عمل ۾ تفصيلي جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ ٽيڪسٽائل شعبي جي نالي وارين شخصيتن جن ۾ خرم مختار، جاويد بلواني، فواد انور، رحمان نسيم ۽ ٻيا شريڪ هئا. اي پي ٽي ايم اي، پي ٽي اي اي، پي ايڇ ايم اي، پي ٽي سي، پريگما، اي پي بي يو ايم اي، ٽي ايم اي، پي ڊي ايم اي اي، پي بي اي اي جي نمائندن طرفان وفاقي بجيٽ لاءِ ٽيڪسٽائل شعبي جون گڏيل سفارشون پيش ڪيون ويون.

مزید خبریں