اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي مشهور پاڪستاني ايڊوينچر ايٿليٽ ثمر خان جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪن واري ٺهراءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سحر ڪامران مشهور پاڪستاني ايڊوينچر ايٿليث ثمر خان لاءِ مبارڪن وارو ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. ٺهراءَ جي متن ۾ …
قومي اسيمبلي ۾ مشهور پاڪستاني ايڊوينچر ايٿليٽ ثمر خان جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪن واري ٺهراءَ جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي مشهور پاڪستاني ايڊوينچر ايٿليٽ ثمر خان جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪن واري ٺهراءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سحر ڪامران مشهور پاڪستاني ايڊوينچر ايٿليث ثمر خان لاءِ مبارڪن وارو ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان مشهور پاڪستاني ايڊوينچر ايٿليٽ ثمر خان جي شاندار ڪاميابي جي تعريف ۽ کيس تسليم ڪري ٿو. جنهن مائونٽ ايلبرس کي ڪاميابي سان پار ڪيو ۽ سنو بورڊنگ ڪندي هيٺ لٿي، اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ هوءَ پهرين پاڪستاني عورت بڻجي وئي. هي ايوان ايڊوينچر اسپورٽس ۾ سندس مسلسل خدمتن جو به اعتراف ڪري ٿو جنهن ۾ دنيا جي پهرين عورت طور بيافو ۽ گاڊون اسٽن گليشيئرز تي سائيڪل هلائڻ ۽ مائونٽ ڪليمنجارو تي سائيڪل هلائڻ واري پهرين پاڪستاني هئڻ شامل آهي، جيڪو سندس غير معمولي جرئت، عزم ۽ استقلال جي عڪاسي ڪري ٿو. هي ايوان ثمر خان کي پاڪستان لاءِ عالمي سطح تي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ ۽ سڄي ملڪ جي نوجوان عورتن لاءِ مشعل راهه بڻجڻ تي مبارڪون پيش ڪري ٿو.











