پنجهٺ هزار پاڪستاني حاجي سعودي عرب پهچي ويا، حج آپريشنز جو 55 سيڪڙو مرحلو طئي

مڪو شريف- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان مان حج 2026ع لاءِ حاجين جي سعودي عرب آمد جو سلسلو جاري آهي.هيستائين مجموعي طورتي 65،657 سرڪاري حاجي مقدس سرزمين تي پهچي چڪا آهن . جيڪي پاڪستان جي ڪل سرڪاري حج ڪوٽه جو 55 سيڪڙو آهن. ان مان 35،793 حاجي مديني منوره پهچي چڪا آهن جڏهن ته 29،864 حاجي سڌي ريت جده جي رستي مڪي شريف پهچي ويا آهن . هن وقت …

مڪو شريف- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان مان حج 2026ع لاءِ حاجين جي سعودي عرب آمد جو سلسلو جاري آهي.هيستائين مجموعي طورتي 65،657 سرڪاري حاجي مقدس سرزمين تي پهچي چڪا آهن . جيڪي پاڪستان جي ڪل سرڪاري حج ڪوٽه جو 55 سيڪڙو آهن. ان مان 35،793 حاجي مديني منوره پهچي چڪا آهن جڏهن ته 29،864 حاجي سڌي ريت جده جي رستي مڪي شريف پهچي ويا آهن . هن وقت حاجين جو وڏو انگ يعني 61،607 (94 سيڪڙو )مڪي شريف ۾ ترسيل آهي ، جڏهن ته 4،050 حاجي (6 سيڪڙو ) مديني شريف ۾ موجود آهي . حاجين جي سهولت لاءِ مجموعي طورتي 262 اڏامون سعودي عرب پهچي چڪيون آهن ، جنهن مان 143 مديني شريف ۽ 119 جده ايئر پورٽ تي لينڊ ڪري چڪيون آهن . حاجين جي رهنمائي ۽ سهڪار لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت جو وڏي انگ ۾ وڏو انگ اتي مقرر آهي جنهن تحت هيستائين مجموعي طور تي 1،322 اهلڪار (84 سيڪڙو ) پنهنجي ذميواري سنڀالي چڪا آهن.

مزید خبریں