چين جي قيادت ۾ قدرتي گيس لاءِ عالمي معيار جاري

بيجنگ- 12 مئي (اي پي پي) چين جي قيادت ۾ قدرتي گيس لاءِ پنج عالمي معيار جاري ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب انٽر نيشنل آرگنائزيشن فار اسٽينڊرڊائزيشن چين جي قيادت ۾ قدتي گيس لاءِ باضابطه طور تي پنج عالمي معيار جاري ڪيا آهن، اهي معيار درست مقداري اهڃاڻن ذريعي عالمي توانائي جي مارڪيٽ ۾ لاڳت ۾ گهٽتائي، ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ چيني حل فراهم …

بيجنگ- 12 مئي (اي پي پي) چين جي قيادت ۾ قدرتي گيس لاءِ پنج عالمي معيار جاري ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب انٽر نيشنل آرگنائزيشن فار اسٽينڊرڊائزيشن چين جي قيادت ۾ قدتي گيس لاءِ باضابطه طور تي پنج عالمي معيار جاري ڪيا آهن، اهي معيار درست مقداري اهڃاڻن ذريعي عالمي توانائي جي مارڪيٽ ۾ لاڳت ۾ گهٽتائي، ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ چيني حل فراهم ڪندا. چين هاڻي تائين قدرتي گيس لاءِ 14 عالمي معيارن جي ترقي ۽ جاري ڪرڻ جي قيادت ڪئي آهي، جنهن ۾ 100 کان به وڌيڪ ماهر انهن معيارن جي جوڙجڪ ۽ نطرثاني ۾ سڌي ريت شامل آهن. انهن معيارن کي برطانيا، فرانس، ڏکڻ ڪوريا ۽ ڪينيا سميت يوريشيا ۽ آفريقا جي 20 کان وڌيڪ ملڪن به ڪاميابي سان اختيار ڪيو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چين مستقبل ۾ به فني جدت جي معيارن جي نظام کي هٿي ڏيندو رهندو، چين فني معيارن کي دنيا تائين پهنچائيندو ۽ عالمي قدرتي گيس جي صنعت جي ترقي ۾ چيني دانشمندي سان پنهنجو تعاون جاري رکندو.

مزید خبریں