ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران لڪي مروت ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري لڪي مروت جي علائقي سراءِ نورنگ بازار ۾ ٿيل افسوسناڪ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي معصوم شهرين جي جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ هن چيو ته قيمتي انساني جانين سان …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري لڪي مروت جي علائقي سراءِ نورنگ بازار ۾ ٿيل افسوسناڪ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي معصوم شهرين جي جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ هن چيو ته قيمتي انساني جانين سان کيڏندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن. دهشتگردي جا اهڙا بزدلاڻا واقعا قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. هن ان افسوسناڪ سانحي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو ۽ الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطافرماءِ، زخمين کي جلد مڪمل صحتياب ڪري ۽ سوڳوار خاندانن کي صبر عطافرمائي.

مزید خبریں