قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران لڪي مروت ۾ پوليس موبائل ويجهو دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، لڪي مروت ۾ پوليس موبائل ويجهو دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي ضايع تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن، حملي ۾ شهيد ٿيلن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي مشڪل گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن جي غم ۾ برابر جو شريڪ …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، لڪي مروت ۾ پوليس موبائل ويجهو دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي ضايع تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن، حملي ۾ شهيد ٿيلن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي مشڪل گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان، دهشتگرد عنصر ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ناپاڪ سازش ڪري رهيا آهن. معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلاڻو فعل آهي، قوم سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي، پوليس فورس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن تي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم متحد آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، شهيدن جي درجن جي بلندي، زخمين جي جلد صحتيابي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

مزید خبریں