رانا مشهود احمد خان پاران نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي، نوجوانن لاءِ روزگار، هنرمندي ۽ ڪاروباري موقعن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي، نوجوانن لاءِ روزگار، هنرمندي ۽ ڪاروباري موقعن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن چين - پاڪستان ٽيڪنيڪل ڪوآپريشن ورڪشاپس ۽ ورلڊ اسڪلز پاڪستان نيشنل اسڪلز ڪمپيٽيشن 2026ع جي افتتاحي تقريب ۾ مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جي شروعات ۾ …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي، نوجوانن لاءِ روزگار، هنرمندي ۽ ڪاروباري موقعن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن چين – پاڪستان ٽيڪنيڪل ڪوآپريشن ورڪشاپس ۽ ورلڊ اسڪلز پاڪستان نيشنل اسڪلز ڪمپيٽيشن 2026ع جي افتتاحي تقريب ۾ مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جي شروعات ۾ هن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ، نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان، چيني ڀائيوار ادارن جي نمائندن، صنعتي شعبي سان تعلق رکندڙ شخصيتن، ترقياتي ڀائيوارن ۽ نوجوانن شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. هن ان تقريب کي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ فني تعليم ۽ هنرمندي جي شعبي ۾ مضبوط دوستي ۽ وڌندڙ سهڪار کي هڪ اهم مثال قرار ڏنو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين چيو ته حڪومت جي پهرين ذميوداري نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ ۽ کين اهڙا موقعا فراهم ڪرڻ آهي جتي هو پنهنجي صلاحيتن کي ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪتب آڻي سگهن. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان جي پهرين نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي وفاقي ڪابينه مان منظور ٿي چڪي آهي ۽ جلد ئي وزيراعظم ان جو باقائده افتتاح ڪندو. پاليسيءَ جون اهم خاصيتون بيان ڪندي هن چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ليبر فورس سروي هاڻ هر چئن سالن بدران هر سال منعقد ڪيو ويندو ته جيئن روزگار ۽ افرادي سگهه بابت درست ۽ وقت سر انگ اکر دستياب هجن. سندس مطابق اهي قدم بهتر رٿابندي ۽ اثرائتي پاليسي سازيءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي تحت هر سال نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو واڌ يقيني بڻائي ويندي، جڏهن ته نوجوان ڪاروباري ماڻهن ۽ اسٽارٽ اپس کي مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو. عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بنائڻ تي زور ڀريندي هن چيو ته پاليسيءَ تحت ليبر فورس ۾ عورتن جي گهٽ ۾ گهٽ 35 سيڪڙو شموليت يقيني بڻائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت عورتن کي باعزت روزگار ۽ بهتر مستقبل فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. چيئرمين، نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪينڪل ٽريننگ ڪميشن جي قيادت ۽ ٽيم جي ڪاوشن کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته اداري گذريل ڪجهه سالن ۾ فني ۽ پيشيوراڻي تعليم جي ميدان ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. هن برگيڊيئر (ر) ساجد کوکر جي خدمتن کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پنجاب ۾ هنرمندي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندن ڪوششون قدر جوڳيون آهن. وزيراعظم جو حوالو ڏيندي هن چيو ته صرف هڪ صوبي جي ترقي ڪافي ناهي پر قومي خوشحاليءَ لاءِ سمورن صوبن کي اڳتي وڌڻ ضروري آهي. پرڏيهه ۾ تربيتي موقعا حاصل ڪرڻ وارن نوجوانن کي خطاب ڪندي هن اميد ظاهر ڪئي ته چين ويندڙ چونڊيل نوجوان ڪاميابيون حاصل ڪري وطن واپس موٽندا ۽ پاڪستان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. تقريب جي پڄاڻيءَ تي چيئرمين شرڪت ڪندڙن کي سندن ڪاميابين تي مبارڪون ڏنيون ۽ کين ملڪ ۽ قوم جي روشن مستقبل لاءِ محنت جاري رکڻ جي تلقين ڪئي.

مزید خبریں