اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ حضور اڪرمﷺ جي شان اقدس ۾ نعتِ رسول مقبولﷺ پيش ڪرڻ جي روايت جي باقائده شروعات ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن منعقد ٿيل سينيٽ اجلاس ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي فيصلو گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو، جنهن تحت سينيٽ اجلاس ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت …
سينيٽ ۾ نعتِ رسول مقبولﷺ پيش ڪرڻ جي روايت جي باقائده شروعات

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ حضور اڪرمﷺ جي شان اقدس ۾ نعتِ رسول مقبولﷺ پيش ڪرڻ جي روايت جي باقائده شروعات ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن منعقد ٿيل سينيٽ اجلاس ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي فيصلو گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو، جنهن تحت سينيٽ اجلاس ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ حضور اڪرمﷺ جي شان ۾ نعتِ رسولﷺ پيش ڪرڻ جي روايت باقائده شروعات ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ سمورن ميمبرن طرفان ان قدم کي انتهائي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي گڏيل طور تي رٿ منظور ڪئي جنهن کان پوءِ ڪالهه ان فيصلي تي باقاعده عملدرآمد شروع ڪيو ويو. اهي قدم پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو متعارف ڪرايا ويا آهن جنهن تحت سينيٽ جي هر اجلاس ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ نعتِ رسولﷺ پيش ڪئي ويندي. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي چيو ته حضور اڪرمﷺ سان عقيدت ۽ محبت ايمان جو بنيادي جُز آهي ۽ سينيٽ ۾ نعت خواني جو بندوبست اسلامي قدرن، قومي روايتن ۽ مذهبي وابستگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها روايت نه صرف ايوان جي ڪارروائيءَ کي روحاني وقار عطا ڪندي پر نئين نسل لاءِ به محبتِ رسولﷺ جي عملي اظهار جو هڪ هاڪاري مثال ثابت ٿيندو.











