ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مالياتي خسارو مجموعي قومي پيداوار جي هڪ سيڪڙو کان به هيٺ اچي ويو: خرم شهزاد

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مالياتي خسارو مجموعي قومي پيداوار جي هڪ سيڪڙو کان به هيٺ اچي ويو آهي، بنيادي سرپلس، پرڏيهي کاتن جي مضبوطي ۽ مجموعي معاشي استحڪام ۾ به نمايان بهتري ڏٺي پئي وڃي. ڪالهه ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جي مالياتي صورتحال ۾ هڪ وڏي ڍانچه …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مالياتي خسارو مجموعي قومي پيداوار جي هڪ سيڪڙو کان به هيٺ اچي ويو آهي، بنيادي سرپلس، پرڏيهي کاتن جي مضبوطي ۽ مجموعي معاشي استحڪام ۾ به نمايان بهتري ڏٺي پئي وڃي. ڪالهه ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جي مالياتي صورتحال ۾ هڪ وڏي ڍانچه جاتي تبديلي سامهون اچي رهي آهي، تازن مالياتي انگن اکر نه صرف بهتر معاشي نظم و نسق پر مضبوط معاشي بنيادن ۽ پائيدار ترقي ۽ اؤسر جي به عڪاسي ڪري رهيا آهن، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مالياتي خسارو مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي هڪ سيڪڙو کان به هيٺ اچي ويو آهي، بنيادي سرپلس، پرڏيهي کاتن جي مضبوطي ۽ مجموعي معاشي استحڪام ۾ به نمايان بهتري ڏٺي پئي وڃي. هن چيو ته جاري مال جي پهرين 9 مهينن دوران پاڪستان جو مالياتي خسارو گهٽ ٿي جي ڊي پي جي جو صرف 0.7 سيڪڙو تائين پهچي ويو، جڏهن ته گذريل سال جي ساڳئي مُدي ۾ اها شرح 2.6 سيڪڙو هئي. اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ هاڻ تائين رڪارڊ ڪيل سڀ کان گهٽ مالياتي خسارو آهي، اهڙيءَ طرح مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ بنيادي سرپلس جي ڊي پي جي 3.2 سيڪڙو تائين پهچي ويو، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ به 3 سيڪڙو جو غير معمولي سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو محتاط ۽ نظم و ضبط تي ٻَڌل مالياتي پاليسين جو مظهر قرار ڏنو پيو وڃي، اها صورتحال سرڪاري ماليات ۾ بهتري، معاشي استحڪام ۽ اقتصادي بحاليءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح ۽ مجموعي روينيو ٽو جي ڊي پي جي شرح ۾ مسلسل واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. ٽيڪس وصولين ۾ به نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا تازن سالن جي مضبوط ترين ڪارڪردگين ۾ شمار ٿي رهيآهي، ان بهتريءَ جي وڏي ڪارڻ ۾ مسلسل سڌارا، بهتر ٽيڪس تعميل، ڊجيٽلائزيشن ۽ مالياتي نظم و نسق ۾ بهتري شامل آهي. خرم شهزاد چيو ته عالمي سطح تي مهانگائيءَ جي دٻاءُ ۽ ماضيءَ جي قرضن جي ادائگين باوجود مجموعي حڪومتي خرچن کي اثرائتي انداز ۾ قابو ۾ رکيو ويو آهي، جاري خرچن ۾ استحڪام برقرار رکيو ويو، جڏهن ته ترقياتي خرچن کي به برقرار رکيو ويو ته جيئن ڊگهي مُدي واري اقتصادي ترقيءَ کي سهارو ڏئي سگهجي. دفاعي خرچن جو جي ڊي پي ۾ تناسب به مجموعي طور تي ضابطي ۾ رهيو، جنهن کي مالياتي نظم و ضبط جي علامت قرار ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته مسلسل بنيادي سرپلسز سبب پاڪستان جي قرضن جي ڍانچي ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ حڪومت جي مالياتي پائيداري مضبوط ٿي رهي آهي. سرڪاري قرضن جي تناسب ۾ ترتيبوار گهٽتائي اچي رهي آهي، قرضن جي ري فنانسنگ بابت خطرا گهٽ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته قرضن جي مُدي جي ادائگي جي ڍانچي ۾ به بهتري ڏٺي پئي وڃي، مالياتي ايڊجسٽمينٽ جي ان عمل سان معيشت جون ڪمزويون گهٽ ٿي رهيون آهن ۽ ڊگهي مُدي واري معاشي استحڪام جا بنياد مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان کي تاريخي طور تي مالياتي ۽ پرڏيهي کاتن جي ٻٽي خساري کي مُنهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته جاري مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ٻنهي شعبن ۾ هڪ ئي وقت بهتري سامهون آئي. ان اڳڀرائيءَ سان مالياتي استحڪام پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ، ڏي وٺ جي شرح ۾ استحڪام، مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي ۽ سيڙپڪارن جي اعمتاد ۾ بهتري کي هٿي ملي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جا بهتر ٿيندڙ معاشي اهڃاڻ هاڻ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جي صورت ۾ به نمايان ٿي رهيا آهن. ملڪ ڪاميابيءَ سان عالمي مالياتي مارڪيٽ تائين ٻيهر پهچ حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته مينيوفيڪچرنگ، ڪارپوريٽ منافعي، پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ شيئر وِڪرو ڪرڻ جي شروعاتي عوامي سرگرمين ۾ به نمايان واڌ ڏٺي وئي آهي، عالمي مالياتي اداري، ريٽنگ ايجنسين ۽ عالمي سيڙپڪار به پاڪستان جي مالياتي ۽ پرڏيهي شعبي جي بهتر ٿيندڙ بنيادن کي تسليم ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مالياتي ۽ پرڏيهي ٻنهي خسارن ۾ هڪ ئي وقت بهتري پاڪستان کي عالمي سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ مستحڪم ۽ اعتماد جوڳي معيشت طور تي سامهون آڻي رهي آهي.

مزید خبریں