پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 278 روپيا 66 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 278 روپيا 66 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 27 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 738 رپيا 71 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 723 رپيا 78 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو 909 رپيا 91 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 76 رپيا 44 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 279 رپيا ۽ وڪرو 279 رپيا 70 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں