سينيٽ چيئرمين پاران لڪي مروت ڌماڪي ۾ انساني حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لڪي مروت جي علائقي سرائي نورنگ ۾ جي ٽي روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ  ويجهو چنگچي اڏي وٽ ٿيل افسوسناڪ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.  هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سميت راهگيرن جي شهادت تي دلي رنج ۽ ڏک جو اظهار ڪندي شهيدن …

اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لڪي مروت جي علائقي سرائي نورنگ ۾ جي ٽي روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ  ويجهو چنگچي اڏي وٽ ٿيل افسوسناڪ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.  هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سميت راهگيرن جي شهادت تي دلي رنج ۽ ڏک جو اظهار ڪندي شهيدن جي خاندانن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙ عنصر انسانيت جا دشمن آهن ۽ اهڙن بزدلاڻن قدمن سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ٿي سگهن. هن  زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ  جون هدايتون ڪندي سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پوري قوم ان ڏک جي گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آهي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي، پونئرن جي صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

مزید خبریں