وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي جي تربيتي پروگرام سان پاڪ ڪينيڊا قانوني تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو، اعظم نذير تارڙ سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ  چيو آهي، ته حڪومت انصاف جي فراهمي جي نظام کي جديد رخن تي گامزن ڪرڻ ۽ عدالتي سڌارن کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ عالمي شراڪتداري کي هٿي وٺرائي رهي آهي، جڏهن ته وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي ذريعي تربيتي پروگرامز ۽ پيشيواراڻي سگهه ۾ اضافي سان پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ  ۾ قانوني تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. قانون ۽ …

اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ  چيو آهي، ته حڪومت انصاف جي فراهمي جي نظام کي جديد رخن تي گامزن ڪرڻ ۽ عدالتي سڌارن کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ عالمي شراڪتداري کي هٿي وٺرائي رهي آهي، جڏهن ته وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي ذريعي تربيتي پروگرامز ۽ پيشيواراڻي سگهه ۾ اضافي سان پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ  ۾ قانوني تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب هن اها ڳالهه ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾  عدالتي سڌارن، قانوني نظام جي بهتري، اداره جاتي تعاون ۽ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان جي مصالحانه ۽ تعميري سفارتي ڪوششن جي تعريف ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻنهي طرفن کان توانائي جي تحفظ، اهم معدنيات، ماحولياتي تعاون ۽ پائيدار ترقي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جي معدني وسيلن جي ترقي ۽ صاف توانائي جي سگهه مان اثرائتي فائدي لاءِ ڪينيڊين ڪمپنين جي وڌندڙ ڪردار جي به تعريف ڪئي. ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر عدالتي تربيت، فني مدد ۽ اداره جاتي شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪينيڊا جي تعاون کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته وفاقي وزير پاڪستان جي انصاف واري نظام جي بهتري ۽ عدالتي سڌارن ۾ ڪينيڊا جي تعاون کي قدر جوڳو قرار ڏنو.

مزید خبریں