اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ ايليٽ پوليس ٽريننگ اسڪول جو منصوبو 31 مئي تائين مڪمل ڪرڻ، نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ سولر سسٽم لڳائڻ، اڪيڊمي جي موجوده عمارت جي سينگار ۽ سجاوٽ، آءِ ٽي سهولتن سان ليس جديد ٽريننگ لاءِ 3 نوان ڪلاس رومز ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي …
وفاقي گهرو وزير پاران ايليٽ پوليس ٽريننگ اسڪول جو منصوبو 31 مئي تائين مڪمل ڪرڻ، نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ ايليٽ پوليس ٽريننگ اسڪول جو منصوبو 31 مئي تائين مڪمل ڪرڻ، نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ سولر سسٽم لڳائڻ، اڪيڊمي جي موجوده عمارت جي سينگار ۽ سجاوٽ، آءِ ٽي سهولتن سان ليس جديد ٽريننگ لاءِ 3 نوان ڪلاس رومز ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو ڪيو ۽ اجلاس جي صدارت ڪئي. وفاقي وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ تعمير ٿيندڙ گهڻ منزلا هاسٽل جي جاري تعميراتي ڪمن جو جائزو ورتو. هن هاسٽل ۾ قائم ماڊل روم جو به معائنو ڪيو ۽ انهن ماڊل روم کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ايليٽ پوليس ٽريننگ اسڪول جو منصوبو 31 مئي تائين مڪمل ڪرڻ جو ٽاڪس ڏنو. گهرو وزير چيو ته هلندڙ سال کان آفيسرن جي ايليٽ ٽريننگ صوبن بدران اين پي اي ۾ ڪرائي ويندي. هن اڪيڊمي ۾ سولر سسٽم لڳائڻ ۽ اڪيڊمي جي موجوده عمارت جي سجاوٽ ۽ سينگار لاءِ هدايتون به ڏنيون. اجلاس ۾ آءِ ٽي سهولتن سان ليس جديد ٽريننگ جي لاءِ 3 نوان ڪلاس رومز ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي وزير ڊرون، نائيٽ ويزن ۽ جديد هٿيارن ذريعي تربيت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پروموشنل ڪورسز کي جديد رخن تي گامزن ڪرڻ ۽ سروس ڊليوري تي فوڪس ڪيو وڃي. هن اين پي اي ۾ ڊرائيونگ اسڪول جي قيام جي هدايت به ڪئي. ڊرائيونگ اسڪول ۾ آفيسرن کي جديد ڊرائيونگ ۽ ڪار چيز جي تربيت ڏني ويندي. هن چيو ته تفتيشي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪرائيم سين رومز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. گهرو وزير اڪيڊمي ۾ پيڊل ٽينس ڪورٽس جي قيام جي هدايت به ڪئي. گهرو وزير اسپورٽس ڪامپليڪس، جم ۽ سوئمنگ پول جو به معائنو ڪيو ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس کي جديد بنيادن تي اپگريڊيشن جا حڪم به جاري ڪيا. ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي سعد اختر ڀروانه وفاقي وزير کي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور، آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.











