پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان، 100 انڊيڪس ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو، جتي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي سبب مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي رڪارڊ ٿي. ڪاروبار جي شروعات  ۾ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس هڪ هزار کان وڌيڪ پوائنٽس کان وڌي هڪ لک 71 هزار 571 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ خريداري جي …

اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو، جتي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي سبب مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي رڪارڊ ٿي. ڪاروبار جي شروعات  ۾ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس هڪ هزار کان وڌيڪ پوائنٽس کان وڌي هڪ لک 71 هزار 571 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ خريداري جي رجحان سبب مختلف شعبن جي شيئرز ۾ به بهتري ڏٺي وئي. واضح رهي ته گذريل  ڪاروبار ڏينهن 100 انڊيڪس 609  پوائنٽس جي گهٽتائي سان هڪ لک 70 هزار 506  پوائنٽس  تي بند ٿيو هو. جڏهن ته نئين ڪاروباري ڏينهن جي شروعات تي مارڪيٽ هاڪاري رخ اختيار ڪيو. ماهرن موجب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بحالي، معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جو سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان برقرار رهڻ جي اميد آهي. ٻئي پاسي ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ گڏيل  رجحان برقرار رهيو. جاپان جي نڪي انڊيڪس ۾ اٽڪل هڪ سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ٿائيلينڊ سيٽ انڊيڪس ۾ به 0.40  سيڪڙو جي تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته هانگ ڪانگ جي هينگ سينگ انڊيڪس ۾ به معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان علاوه ڏکڻ ڪوريا جي ڪوپسي انڊيڪس ۾ 1.72 سيڪڙو جي ٻاڙائي، انڊونيشيا جي جڪارتا ڪمپوزٽ انڊيڪس ۾ هڪ سيڪڙو جي گهٽتائي جڏهن ته چين جي سنگهائي ڪمپوزٽ انڊيڪس ۾ 0.40  سيڪڙو راوٽ ڏسڻ ۾ آئي.