اسلام آباد - 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آبادگارن کي وقت سر ڀاڻ جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وچ ايشيائي ملڪن مان ڀاڻ جي متبادل فراهمي جي منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ غذائي تحفظ ۽ ڀاڻ جي ذخيرن جي صورتحال تي اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾و فاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، …
وزيراعظم پاران آبادگارن کي وقت سر ڀاڻ جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت
اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آبادگارن کي وقت سر ڀاڻ جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وچ ايشيائي ملڪن مان ڀاڻ جي متبادل فراهمي جي منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ غذائي تحفظ ۽ ڀاڻ جي ذخيرن جي صورتحال تي اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾و فاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، احد خان چيما، علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر ۽ اعلى سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آبادگارن کي وقت سر ڀاڻ جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نار ملڪن مان ڀاڻ جي سپلاءِ چين متاثر ٿيڻ جي ڏس ۾ وچ ايشيائي ملڪن مان ڀاڻ جي متبادل فراهمي جي منصوبابندي ڪئي وڃي. هن ڪتيءَ ۽ چيٽ جي مُند جي لاءِ ڀاڻ جي وڏا ذخيرا يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڀاڻ جي مقامي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ نوان پلانٽ لڳائڻ جي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ زرعي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي ڀاڻ جي فراهمي جي مسلسل نگراني ۽ ڀاڻ جي مصنوعي کوٽ ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف سخت ڪارروائي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪي ضرورتن جي ڏس ۾ ڀاڻ جي مقامي پيداوار جي لاءِ ڪارخانن کي قدرتي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري آهي، ڪتيءَ جي فصلن جي لاءِ ڀاڻ جا مناسب ذخيرا موجود آهن.











