اسلام آباد - 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت جي سرائي نورنگ بازار ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 2 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سميت 7 ماڻهن جي شهيد ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ حڪومت پختي عزم سان ڀرپور انداز ۾ …
وزيراعظم پاران لڪي مروت جي سرائي نورنگ بازار ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 2 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سميت 7 ماڻهن جي شهيد ٿيڻ تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت جي سرائي نورنگ بازار ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 2 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سميت 7 ماڻهن جي شهيد ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ حڪومت پختي عزم سان ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگردن کي ملڪ جي امن ۽ ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام دهشتگردي جي خلاف ان جدوجهد ۾ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف واقعي جي انڪوائري جلد مڪمل ڪري ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۽ ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي. هن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.











