اسلام آباد - 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان سنو نيوز جي سي اي او ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ميڊيا ورڪرز جي حقن، ٽي وي چينلز کي درپيش مسئلن ۽ برطرف ڪيل ملازمن جي معاملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان سنو نيوز جي سي اي او جي ملاقات
اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان سنو نيوز جي سي اي او ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ميڊيا ورڪرز جي حقن، ٽي وي چينلز کي درپيش مسئلن ۽ برطرف ڪيل ملازمن جي معاملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات ۾ سنو نيوز مان 114 ملازمن کي برطرف ڪرڻ جي معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ برطرف ملازمن جون رهتون فوري طور تي ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ وڌيڪ ڪٽوتي نه ڪرڻ ۽ وڌيڪ ملازمن کي برطرف نه ڪرڻ جڏهن ته هيٺئين سطح جي ملازمن بشمول ڊرائيورز ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف کي نوڪرين تي بحال ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنو نيوز پاران طئي ڪيل نقطن تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو، تنهن ڪري اشتهارن جي پابندي ختم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته برطرف ڪيل ٻين ملازمن جي متبادل روزگار جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون. هن چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. آج نيوز جي انتظاميا پڻ اطلاعات واري وزارت سان رابطو ڪيو آهي، انهن سان سڀاڻي ملاقات ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته جن ميڊيا ادارن ۾ مالي يا انتظامي مسئلا آهن، انهن سانگ ڏجي معاملا حل ڪيا ويندا، ڪارڪنن جي حقن جو هر صورت ۾ تحفظ يقيني بڻايو ويندو.











