پشاور -12 مئي (اي پي پي) فتنه الخوارج لڪي مروت جي سرائي نورنگ بازار جي وچ رستي تي ڌماڪو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن ۽ 5 سويلين سميت 7 ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل مطابق خارجين لڪي مروت ۾ سرائي نورنگ جي بازار کي ڌماڪي سان نشانو بڻايو. خوارجين ڌماڪي لاءِ موٽر سائيڪل ۾ بارودي مواد جو استعمال ڪيو. شروعاتي اطلاعن مطابق ٻن …
فتنه الخوارج پاران لڪي مروت جي سرائي نورنگ بازار ۾ ڌماڪو، ٻن پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي
پشاور -12 مئي (اي پي پي) فتنه الخوارج لڪي مروت جي سرائي نورنگ بازار جي وچ رستي تي ڌماڪو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن ۽ 5 سويلين سميت 7 ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل مطابق خارجين لڪي مروت ۾ سرائي نورنگ جي بازار کي ڌماڪي سان نشانو بڻايو. خوارجين ڌماڪي لاءِ موٽر سائيڪل ۾ بارودي مواد جو استعمال ڪيو. شروعاتي اطلاعن مطابق ٻن ٽريفڪ جي پوليس اهلڪارن ۽ 5 راهگيرن سميت 7 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. ريسڪيو موجب زخمين کي سرائي نورنگ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز علائقي جو ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته خوارجين پنهنجي هندستاني آقائن جي اشارن تي آپريشن غضب للحق جي ڪامياب آپريشن جي نتيجي ۾ پنهنجا حواس وڃائي ويٺا آهن ۽ آسان هدف کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان واقعي بعد لڪي مروت جي عوام ۾ خوارجين خلاف سخت غم ۽ ڪاوڙ موجود آهي.










