تله گنگ -12 مئي (اي پي پي) معرڪه حق بنيان المرصوص جي سلسلي ۾ برگيڊيئر عرفان غازي، ميجر دانيال ۽ پاڪ فوج جي ٻين آفيسرن اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏ تله گنگ جي مختلف علائقن ۾ شهيدن جي خاندانن سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران شهيدن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ سندن درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا ۽ فاتحه خواني به ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪ فوج …
معرڪه حق بنيان المرصوص جي سلسلي ۾ پاڪ فوج ۽ انتظاميه جون تله گنگ ۾ شهيدن جي خاندانن سان ملاقاتون
تله گنگ -12 مئي (اي پي پي) معرڪه حق بنيان المرصوص جي سلسلي ۾ برگيڊيئر عرفان غازي، ميجر دانيال ۽ پاڪ فوج جي ٻين آفيسرن اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏ تله گنگ جي مختلف علائقن ۾ شهيدن جي خاندانن سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران شهيدن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ سندن درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا ۽ فاتحه خواني به ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ ضلعي انتظاميه شهيدن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته وطن لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر سپوت پوري قوم جو فخر آهن. شهيدن جي گهر ڀاتين پاڪ فوج ۽ ضلعي انتظاميه جي آمد ۽ حوصلا افزائي جي تعريف ڪندي شهيدن جي قربانين کي قوم لاءِ فخر جو سبب قرار ڏنو.











