عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ تيزي جو رجحان

اسلام آباد _12 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمن ۾ معمولي تيزي جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيٽ تحت ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 0.85 ڊالر جي اضافي بعد 98.92 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي جا مستقبل جا سودا 0.61 ڊالر جي اضافي بعد 104.80 ڊالرز في بيرل ۾ طئي ٿيا ، روسي يورال آئل تحت ڪچي تيل …

اسلام آباد _12 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمن ۾ معمولي تيزي جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽر ميڊيٽ تحت ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 0.85 ڊالر جي اضافي بعد 98.92 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي جا مستقبل جا سودا 0.61 ڊالر جي اضافي بعد 104.80 ڊالرز في بيرل ۾ طئي ٿيا ، روسي يورال آئل تحت ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 3.01 ڊالر جي اضافي سان 95.57 ڊالرز ۾ طئي ٿيا، وچ اوڀر جي مارڪيٽن ۾ گڏيل رجحان ڏسڻ ۾ آيو ، عرب لائيٽ تحت ڪچي تيل جي قيمت ۾ 5.70 ڊالر جو اضافو ٿيو ۽ مستقبل جا سودا 113.17 ڊالرن جڏهن ته ڪويت ايڪسپورٽ بلينڊ تحت مستقبل جا سودا 3.83 ڊالر جي اضافي بعد 118.06 ڊالرن ۾ طئي ٿيا . دبئي بينچ مارڪ تحت ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا  0.02 ڊالر جي گهٽتائي بعد 97.59 ڊالرن ۾ طئي ٿيا . سون جي قيمت ۾ 21.16 ڊالرن جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ مستقبل جا سودا 4713.92 ڊالرن ۾ طئي ٿيا ، ڪڻڪ ۽ سويابين جي قيمتن ۾ عام طورتي اضافي جو رجحان رهيو ، ڪڻڪ جي قيمت ۾ 7.67 ڊالرز في بشل ۽ سويابين جي قيمت ۾ 1.47 ڊالر جو اضافو ٿيو.