گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران آفريقا کي عالمي سطح تي وسيع تر نمائندگي ڏيڻ لاءِ سڌارن جو مطالبو

گڏيل قومون -12 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عالمي نظام ۾ سڌارن جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته آفريقي ملڪن کي عالمي حڪمراني ۾ وڌيڪ نمائندگي ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن اها ڳالهه نيروبي ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ نئين سهولتن جي افتتاح ۽ هڪ وڏي ڪانفرنس ڪامپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته آفريقا …

گڏيل قومون -12 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عالمي نظام ۾ سڌارن جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته آفريقي ملڪن کي عالمي حڪمراني ۾ وڌيڪ نمائندگي ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن اها ڳالهه نيروبي ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ نئين سهولتن جي افتتاح ۽ هڪ وڏي ڪانفرنس ڪامپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته آفريقا عالمي امن ۽ ترقي لاءِ حل فراهم ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. ڪينيا جي صدر وليم روٽو سان گڏ خطاب ڪندي انتونيو گوتريش چيو ته اهي نيون سهولتون خطي ۾ گڏيل قومن جي پهريان اهڙا ٺڪاڻا آهن جيڪي مڪمل طور تي شمسي توانائي تي هلن ٿا ۽ زيرو ڪاربن نيڪال ڪن ٿا. 340 ملين ڊالرن جي ان توسيعي منصوبي تحت گيگيري ڪامپليڪس کي دنيا جو ٽيون وڏو گڏيل قومن جو ڪانفرنس مرڪز بڻايو ويندو. جيڪو نيويارڪ ۽ جنيوا  کان پوءِ هوندو. ان ۾ 9 هزار نمائندن جي گنجائش وارو ايمفي ٿيٽر  به شامل هوندو. منصوبي ۾ ماحولياتي تحفظ تي به زور ڀريو ويو آهي، جنهن تحت هزارين مقامي وڻ لڳائي علائقي کي ٻيهر سرسبز  بڻايو ويندو. جڏهن ته معذور ماڻهن لاءِ مڪمل رسائي کي به يقيني بڻايو ويندو. انتونيو گوتريش چيو ته موجوده عالمي حڪمراني ۽ مالياتي نظام هاڻي به اهڙي دور جي عڪاسي ڪن ٿا جنهن ۾ آفريقا کي نظرانداز ڪيو ويو هو. ۽ کيس آفريقا کي نئين آباديات جو ٻٽو شڪار قرار ڏنو.  هن ان عالمي مالياتي ڍانچي تي به تنقيد ڪئي جنهن ۾ آفريقي ملڪن کي ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ م ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ وياج واري شرح جو منهن ڏسڻو پيو. هن زور ڀريو ته حقيقي عالمي انصاف لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي مستقل نمائندگي ۽ آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ ۾ ڪوٽه نظام ۾ تبديلي ضروري آهي.

مزید خبریں