حج ورڪرز لاءِ ” توڪلنا “ ايپ تي ڊجيٽل پرمٽ جي سهولت فراهم

مڪو شريف _12 مئي (اي پي پي ) سعودي حڪومت حج سيزن دوران خدمتون انجام ڏيندڙ ورڪرز جي سهولت لاءِ ” توڪلنا “ ايپ تي ڊجيٽل ورڪ پرمٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي . ان نئين يونيفائيڊ پرمٽ جو مقصد مقدس هنڌن تي ورڪرز جي اچ وڃ کي آسان ۽ تيز بڻائڻ آهي. سعودي اختيارين مطابق حج ورڪرز هاڻي هڪ ئي ڪلڪ تي پنهنجو اجازت نامو موبائل تي …

مڪو شريف _12 مئي (اي پي پي ) سعودي حڪومت حج سيزن دوران خدمتون انجام ڏيندڙ ورڪرز جي سهولت لاءِ ” توڪلنا “ ايپ تي ڊجيٽل ورڪ پرمٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي . ان نئين يونيفائيڊ پرمٽ جو مقصد مقدس هنڌن تي ورڪرز جي اچ وڃ کي آسان ۽ تيز بڻائڻ آهي. سعودي اختيارين مطابق حج ورڪرز هاڻي هڪ ئي ڪلڪ تي پنهنجو اجازت نامو موبائل تي حاصل ڪري سگهندا . جنهن سان چيڪ پوسٽن تي دستي دستاويزن جي ضرورت گهٽجي ويندي . پاڪستان حج مشن پاڪستان کان حج ڊيوٽي تي ويل عملي ۽ سهڪارين کي هدايت ڪئي آهي ته هو حج دوران ڪنهن به پريشاني کان بچڻ لاءِ ” توڪلنا “ ايپ جو استعمال يقيني بڻائين ته جيئن سندن سڃاڻپ ۽ رسائي جو عمل شفاف رهي.

مزید خبریں