برسلز -12 مئي (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي وزيرن برسلز ۾ ٿيل پنهنجي ماهوار اجلاس دوران نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي ميمبر ملڪن سان لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي ۽ سلامتي جي معاملن واري اعليٰ نمائندي ڪاجاڪالاس اجلاس کان پوءِ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيرن يورپي يونين ۽ جي سي سي وچ ۾ اسٽريٽجڪ …
يورپي يونين جي پرڏيهي وزيرن پاران (جي سي سي) جي ميبر ملڪن سان لاڳاپا مضبوط بنائڻ تي زور

مزید خبریں
برسلز -12 مئي (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي وزيرن برسلز ۾ ٿيل پنهنجي ماهوار اجلاس دوران نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي ميمبر ملڪن سان لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي ۽ سلامتي جي معاملن واري اعليٰ نمائندي ڪاجاڪالاس اجلاس کان پوءِ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيرن يورپي يونين ۽ جي سي سي وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري تي ڳالهيون ڪيون. ڪاجا ڪالاس چيو ته آبنائي هرمز جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري ڪيترائي واپاري رستا شديد متاثر ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته ايران انهن ادارن جي فهرست ۾ به توسيع ڪئي آهي جن کي هو جهاز راني جي آزادي لاءِ خطرو سمجهي ٿو. پرڏيهي وزيرن يورپي سامونڊي آپريشن تي به ڳالهيون ڪيون، جيڪي سامونڊي اچ وڃ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڪاجاڪالاس تصديق ڪئي ته يورپي يونين ايران سان معاملن ۾ پنهنجي ڪيترن ئي ڏهاڪن جي تجربي جي بنياد تي ان فريم ورڪ تحت تعاون کي وڌيڪ مضبطو بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي. غزه جي صورتحال جي حوالي سان ڪاجاڪالاس چيو ته حالات بدستور انتهائي سنگين آهن. هن انتهاپسند آبادڪارن پاران وڌندڙ تشدد تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي. شام جي حوالي سان ڪاجاڪالاس ٻڌايو ته وزيرن دمشق سان تعاون جي معاهدي کي ٻيهر فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جنهن کي ڳالهين جي بحالي لاءِ هڪ هاڪاري اشارو سمجهيو وڃي پيو. هن چيو ته شام سان اعليٰ سطحي سياسي ڳالهيون به ڪيون وينديون. هن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته يورپي يونين شام ۾ عارضي مرحلي ۽ نئين سر تعمير جي عمل جي حمايت ڪري ٿي ۽ فوري قدمن لاءِ تيار آهي، جڏهن ته هو حقيقي ۽ جامع سياسي منتقلي سميت ٺوس اڳڀرائي جي منتظر پڻ آهي.











