وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پنهنجي جان قربان ڪري مقامي آبادي کي هڪ وڏي آفت کان بچائڻ تي بهادر شهري لياقت کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب ۽ خيبر پختونخواه جي بين الصوبائي علائقي جنڊ ۽ خوشحال ڳڙهه پل، ڪوهاٽ جي ويجهو پنهنجي جان قربان ڪري مقامي آبادي کي هڪ وڏي آفت کان بچائڻ تي بهادر شهري لياقت کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان موجب، وزيراعظم چيو ته هڪ ذميوار شهري جي حيثيت …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب ۽ خيبر پختونخواه جي بين الصوبائي علائقي جنڊ ۽ خوشحال ڳڙهه پل، ڪوهاٽ جي ويجهو پنهنجي جان قربان ڪري مقامي آبادي کي هڪ وڏي آفت کان بچائڻ تي بهادر شهري لياقت کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان موجب، وزيراعظم چيو ته هڪ ذميوار شهري جي حيثيت سان لياقت دهشتگرد کي روڪي کانئس سندس سڃاڻپ پُڇي جنهن تي دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو ۽ لياقت پاڻ به شهادت جو رتبو ماڻيو. وزيراعظم چيو ته شهيد لياقت جي لازوال قرباني سدائين ياد رکي ويندي. سندس بروقت بهادري وڏي جاني نقصان کان بچايو. وزيراعظم چيو ته شهيد لياقت غير معمولي جرئت، فرض شناسي ۽ حب الوطني جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. اهڙا بهادر ۽ بي خوف شهري دهشتگردي خلاف قومي عزم جي حقيقي علامت آهن. شهيد لياقت جي قرباني قوم جي هر فرد لاءِ مشعل راهه آهي. قوم شهيد لياقت جي قرباني ڪڏهن به نه وساريندي، شهيد لياقت جهڙا بهادر شهري اسان جي قوم جو اثاثو آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت خلاف پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پاڪستان جي بهادر عوام سدائين دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آهي ۽ اڳتي به قومي اتحاد ۽ ايڪتا ذريعي دهشتگردي کي شڪست ڏني ويندي. وزيراعظم شهيد لياقت جي درجن جي بلندي ۽ سندس خاندان جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا پڻ ڪئي.