اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان نور خان ايئر بيس تي ايراني جهاز جي موجودگي بابت سي بي ايس نيوز جي رپورٽ کي گمراهه ڪندڙ ۽ سنسني خيز قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون خيالي ڳالهين تي ٻڌل خبرن جو مقصد علائقائي استحڪام ۽ امن لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پهچائڻ آهي. …
پاڪستان پاران نور خان ايئر بيس تي ايراني جهاز جي موجودگي بابت سي بي ايس نيوز جي رپورٽ گمراهه ڪندڙ ۽ سنسني خيز قرار ڏيندي رد

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان نور خان ايئر بيس تي ايراني جهاز جي موجودگي بابت سي بي ايس نيوز جي رپورٽ کي گمراهه ڪندڙ ۽ سنسني خيز قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون خيالي ڳالهين تي ٻڌل خبرن جو مقصد علائقائي استحڪام ۽ امن لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پهچائڻ آهي. ترجمان چيو ته جنگبندي کانپوءِ ۽ اسلام آباد ڳالهين جي شروعاتي مرحلي دوران ايران ۽ آمريڪا جا ڪيترائي جهاز پاڪستان پهتا ته جيئن ڳالهين جي عمل سان لاڳاپيل سفارتي عملي، سيڪيورٽي ٽيمن ۽ انتظامي عملي جي چرپر ۾ سهُولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪجهه هوائي جهاز ۽ امدادي اهلڪار پاڪستان ۾ عارضي طور تي مصروفيت کانپوءِ جي دورن جي اميد ۾ ترسيل رهيا. بيان موجب، جيتوڻيڪ باضابطه ڳالهيون اڃا تائين شروع نه ٿيون آهن تنهن هوُندي به اعليٰ سطحي سفارتي مٽاسٽا جاري آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان، ايران جي پرڏيهي وزير جي اسلام آباد جي دوري کي موجوده لاجسٽڪ ۽ انتظامي انتظامن ذريعي سهُولت فراهم ڪئي وئي. هن وقت پاڪستان ۾ بيٺل ايراني جهاز جنگبندي جي مُدي دوران پهتو ۽ ان جو ڪنهن به فوجي هنگامي صورتحال يا سيڪيورٽي جي انتظامن سان ڪو به تعلق نه آهي. هن چيو ته اهڙيُون دعوائون خيالي، گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقت کان مڪمل طور تي جُدا آهن. هن چيو ته پاڪستان ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي حمايت ۾ مُسلسل هڪ غير جانبدار، تعميري ۽ ذميوار سهولتڪار طور ڪم ڪيو آهي. هن ڪردار مُوجب پاڪستان سڀني لاڳاپيل ڌرين سان مڪمل شفافيت ۽ باقاعده رابطي کي برقرار رکندي ضرورت پوڻ تي معمول جي لاجسٽڪ ۽ انتظامي مدد فراهم ڪئي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ، تڪرار گهٽائڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، استحڪام ۽ سلامتي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سڀني مخلصاڻين ڪوششن جي حمايت ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.











