اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا ناتا صرف سفارتي رابطن تائين محدود ناهن پر اهو رشتو گڏيل عقيدي، تاريخ، تهذيب ۽ اخوت جي مضبوط بنيادن تي قائم آهي. اهڙو اظهار هن ترڪيه جي سفارتخاني ۾ ”پاڻ سڳورنﷺ جي نقشِ قدم“ جي موضوع تي مضمون لکڻ جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري …
حضور اڪرمﷺ جي مقدس هَستي انسانيت لاءِ مڪمل نمونو آهي: سردار محمد يوسف

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا ناتا صرف سفارتي رابطن تائين محدود ناهن پر اهو رشتو گڏيل عقيدي، تاريخ، تهذيب ۽ اخوت جي مضبوط بنيادن تي قائم آهي. اهڙو اظهار هن ترڪيه جي سفارتخاني ۾ ”پاڻ سڳورنﷺ جي نقشِ قدم“ جي موضوع تي مضمون لکڻ جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان باوقار تقريب ۾ شرڪت تي دلي خوشي ٿي رهي آهي، جمهوريه ترڪيه جي سفارتخاني خاص ڪري مذهبي معاملن بابت آفيس کي ان خوبصورت ۽ بامقصد تقريب جي بندوبست ڪرڻ تي واڌايون پيش ڪريان ٿو، ٻنهي ملڪن هميشه مسلم اُمت جي اجتماعي مفاد، امن، استحڪام ۽ علمي ۽ روحاني ترقيءَ لاءِ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. اسان کي خوشي آهي ته هي علمي ۽ فڪري سهڪار اڄ به ان ئي قوت سان جاري آهي. هن چيو ته حضور اڪرمﷺ جي مقدس هستي انسانيت لاءِ مڪمل نمونو آهي، پاڻ سڳوراﷺ عدل، رحم، برداشت، اخوت، انسانيت جو احترام، علم دوستي ۽ معاشرتي انصاف جو اهڙو روشن مثال قائم ڪيو، جيڪو قيامت تائين انسانيت جي رهنمائي ڪندو رهندو. موجوده دؤر ۾ دنيا جن اخلاقي بحرانن، تعصبن ۽ نفرتن جو شڪار آهي، ان جو حقيقي حل سِيرت النبيﷺ جي تعليمن ۾ لِڪل آهي. هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي حڪومت پاڪستان جي هدايت موجب قرآن ۽ سيرت کي هٿي وٺرائڻ، نئين نسل جي فڪري ۽ اخلاقي تربيت ۽ اسلامي قدرن کي زندهه رکڻ لاءِ مسلسل سرگرعمل عمل آهي، ان سلسلي ۾ وزارت هر سال قومي سيرت النبيﷺ ڪانفرنس جو بندوبست ڪندي آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جا ناليوارا عالم، محقق، دانشور ۽ شاگردن شرڪت ڪندا آهن ۽ سيرت نبويﷺ جي مختلف رُخن تي علمي ۽ فڪري ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. ان ئي طرح وزارت طرفان سيرت جي مقالن، سيرت جي ڪتابن، نعت وارن ڪتابن، سيرت جي رسالن ۽ ٻين تحقيقي ۽ ادبي شعبن ۾ قومي سطح تي مقابلا منعقد ڪيا ويندا آهن، جن جو مقصد نوجوان نسل، اهلِ قلم ۽ محققن ۾ سيرت النبيﷺ جي مطالعي، تحقيق ۽ هٿي وٺرائڻ جي رجحان کي مضبوط بنائڻ آهي. الحمدلله انهن مقابلن ۾ سڄي ملڪ مان وڏي تعداد ۾ اهلِ علم ۽ نوجوانن حصو وٺن ٿا ۽ عشقِ رسولﷺ جو عملي اظهار ڪن ٿا. قرآن ڪريم سان تعلق مضبوط ڪرڻ لاءِ وزارت باقائدگيءَ سان قومي مقابلو حسن قرائت ۽ حفظ قرآن منعقد ڪندي آهي. ان کان علاوه ويجهڙ ۾ پاڪستان کي هڪ عظيم الشان عالمي مقابله حسن قرائت ۽ حفظ قرآن جي ميزبانيءَ جو اعزاز حاصل ٿيو، جنهن ۾ او آءِ سي جي 40 کان وڌيڪ ميمبر ملڪن جي ناليوارن قارين ۽ حافظن شرڪت ڪئي. ان عالمي سطح جي روحاني ۽ قرآني تقريب نه صرف پاڪستان جي هاڪاري سُڃاڻپ کي اجاگر ڪيو پر مسلم اُمت جي قرآني رشتي، اتحاد ۽ گڏيل اخوت کي مضبوط ڪيو. وزارت ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته قرآن ۽ سيرت ئي اهو سر چشمو آهي جنهن سان معاشرتي هم آهنگي، قومي يڪجهتي، بين المذاهب احترام ۽ عالمي امن جون راهون روشن ٿين ٿيون. اهوئي سبب آهي ته اسان علمي ۽ فڪري مقابلا، تربيتي پروگرام ۽ عالمي ڳالهين ذريعي نوجوان نسل کي قرآن ۽ سنت سان جوڙڻ لاءِ مسلسل ڪوشان آهيون. سردار محمد يوسف چيو ته هي تقريب به ان مبارڪ سلسلي جي هڪ روشن ڪَڙي آهي، مون کي خوشي آهي ته ترڪيه جي ڀائر سفارتخاني نوجوان نسل ۾ سيرت جي مطالعي ۽ فڪري تحقيق کي هٿي وٺرائڻ هي خوبصورت قدم کنيو. اهي قدم يقيني طور ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ علمي، روحاني ۽ ثقافتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. ان مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگرديانين کي دل جي گهرائين سان واڌايون پيش ڪريان ٿو. مان انهن والدين، استادن، انتظام سنڀاليندڙن ۽ معزز ججن کي به خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو، جن هن ڪامياب پروگرام کي ممڪن بڻايو. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان ۽ ترڪيه جي دوستي کي وڌيڪ مضبوط فرماءِ، اسان کي قرآن ۽ سنت جي حقيقي خدمت جي توفيق عطا فرماءِ ۽ مسلم اُمت کي اتحاد ۽ استحڪام سان نوازي.











