ايل اين جي، جو آمدني واپار ٻه مهينا بند هئڻ باوجود آبادگارن ۽ زرعي شعبي لاءِ گيس جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو: علي پرويز ملڪ

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته قطر کان ايل اين جي، جو آمدني واپار ٻن مهينن کان بند هو، ان باوجود آبادگارن ۽ زرعي شعبي لاءِ گيس جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو، آرٽيڪل 158 تي عملدرآمد جاري آهي، مقامي گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي پهرين ترجيح بڻجي ٿي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته قطر کان ايل اين جي، جو آمدني واپار ٻن مهينن کان بند هو، ان باوجود آبادگارن ۽ زرعي شعبي لاءِ گيس جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو، آرٽيڪل 158 تي عملدرآمد جاري آهي، مقامي گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي پهرين ترجيح بڻجي ٿي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ثمينه خالد گهُرڪي جي سوال تي علي پرويز ملڪ ايوان کي ٻُڌايو ته نيٽ ورڪ جي واڌ تي پابندي لاڳو آهي، پهرين قدم طور آر ايل اين جي ڪنيڪشن کي جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ تائين 2 لک ڪنيڪشن ڏنا ويا آهن. گذريل ڏيڍ سال ۾ 36 ڪنيڪشن لائسنس جاري ڪيا ويا. هن چيو ته آبناءِ هرمز جي بندش سبب مشڪلن سان ڪارگو گذري رهيا آهن، ڪراچي ۾ پهريون جهاز اچي رهيو آهي، جنهن سان گيس جي فراهميءَ ۾ بهتري ايندي، هن وقت ڀاڻ سازي جي صنعت کي گيس جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، گهريلو صارفين کي بنا رنڊڪ گيس جي فراهمي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن. نعيمه ڪشور خان جي ضمني سوال تي هن چيو ته جتي گيس نڪري ٿي اتي 5 ڪلوميٽر جي علائقي ۾ گيس جي فراهمي ڪئي پئي وڃي. عبدالقادر پٽيل جي ضمني سوال تي هن چيو ته بجيٽ ترتيب ڏيندي پيٽرول ۽ ڊيزل تي 80 رپيا ليوي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ليوي ۾ ترتيبوار گهٽتائيءَ لاءِ قدم کنيا ويندا. آرٽيڪل 158 تي عملدرآمد جاري آهي، مقامي گهريلو صارف کي گيس جي فراهمي پهرين ترجيح بڻجي ٿي. هن چيو ته قطر کان ايل اين جي جو آمدني واپار 2 مهينن کان بند هو، ان باوجود آبادگارن ۽ زرعي شعبي لاءِ گيس جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو. اسد عالم نيازي جي ضمني سوال تي وفاقي وزير ايوان کي ٻُڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ کي 100 ايم ايم بي ٽي يو کان گهٽ گيس فراهم ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن گيس جي فراهمي بند ڪئي ته ان سان بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي، ڪي اليڪٽرڪ جي ليوي کي سراسر ڪيو ويو آهي. جنيد اڪبر جي ضمني سوال تي هن چيو ته آئين سڀني لاءِ مقدس آهي، آئين تحت ئي گيس جي فراهمي ٿي رهي آهي.