اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي 10 مئي 2025ع تي ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي بهادر ۽ پيشيوراڻي ردِعمل کي خراجِ تحسين پيش ڪندي هڪ تاريخي قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪري ورتي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ دشمن جي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، جڏهن ته ڀارت کي خبردار ڪيو ويو ته پاڪستان جي امن پسند …
قومي اسيمبليءَ پاران هٿياربند فوج جي بهادر ۽ پيشيوراڻي ردِعمل کي خراجِ تحسين

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي 10 مئي 2025ع تي ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي بهادر ۽ پيشيوراڻي ردِعمل کي خراجِ تحسين پيش ڪندي هڪ تاريخي قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪري ورتي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ دشمن جي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، جڏهن ته ڀارت کي خبردار ڪيو ويو ته پاڪستان جي امن پسند رويي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتيءَ خلاف ڪنهن به اڳرائيءَ جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏيندو. قومي اسيمبليءَ ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڀارت جي بنا جواز اڳرائيءَ جي پُرزور مذمت ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي بي مثال مهارت، تياري ۽ جرائتمنداڻي جواب کي قومي فخر قرار ڏئي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ته 22 اپريل 2025ع تي ڀارت جي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي واقعي کانپوءِ ڀارتي حڪومت ۽ ان جي ميڊيا بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳايا، جڏهن ته پاڪستان ان واقعي جي فوري مذمت ڪئي. ايوان وزيراعظم طرفان شفاف جاچ ۾ سهڪار جي آڇ جي باوجود ڀارت جي 6 مئي 2025ع جي بنا جواز فضائي حملي جي شديد مذمت ڪئي، جنهن ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ 10 مئي 2025ع تي شروع ڪيل آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي تعريف ڪندي چيو ويو ته ان ڪارروائيءَ ۾ دشمن جي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو. پاڪ فضائيه جي جرائت ۽ مهارت کي ساراهيندي ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته فضائيه تيز رفتاريءَ سان برتري حاصل ڪندي ڀارتي فضائيه جا ڪيترائي جهاز خاص ڪري رافيل جهازن کي ڪِيرايو. پاڪستان جي، جي ايف-17 ٿنڊر جهازن ڀارت جي جديد ترين ايس-400 دفاعي نظام کي پڻ تباهه ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه هن پاڪستان زميني، سامونڊي ۽ فضائي فوج جي سمورن آفيسرن، جوانن، سپاهين، ايئرمين ۽ سيلرز جي بهادري ۽ قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته آپريشن دوران دشمن جي برگيڊ هيڊڪوارٽر، فضائي اڏن ۽ براهموس ميزائل ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو. پاڪستان بحريه جي حڪمت عملي ۽ تياريءَ کي به پڻ ساراهيو ويو، جنهن سبب دشمن کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. شهيدن جي قرباينن کي ياد ڪندي ايوان زميني، فضائي، سامونڊي ۽ سائبر محاذن تي دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندڙ جوانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. سائبر ماهرن جي خدمتن کي به ساراهيو ويو. ٺهراءُ ۾ ڀارت کي چِٽن لفظن ۾ خبردار ڪيو ويو ته پاڪستان جي امن پسند رويي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتيءَ خلاف ڪنهن به اڳرائيءَ جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. ٺهراءُ ۾ ايوان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ ملڪ جي سلامتي، نظرياتي سرحدن ۽ خودمختياريءَ جي دفاع لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي.











