اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان چيني قونصلر يانگ گوانگ يوان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سي پيڪ فيز ٽو تحت ٻه طرفي سيڙپڪاري سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رُخن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سيڙپڪاري بورڊ واري وزارت ۾ ٿيل ملاقات ۾ سي پيڪ فيز ٽو جي مستقبل جي لائحه عمل تي ڌيان ڏنو ويو، خاص ڪري چيني نجي …
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان چيني قونصلر جي ملاقات، سي پيڪ فيز ٽو تحت سيڙپڪاري سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان چيني قونصلر يانگ گوانگ يوان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سي پيڪ فيز ٽو تحت ٻه طرفي سيڙپڪاري سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رُخن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سيڙپڪاري بورڊ واري وزارت ۾ ٿيل ملاقات ۾ سي پيڪ فيز ٽو جي مستقبل جي لائحه عمل تي ڌيان ڏنو ويو، خاص ڪري چيني نجي شعبي جي ڪمپنين سان صنعتي ۽ پيداواري شعبن ۾ عملي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويو. ٻنهي طرفان جاري اقتصادي زونز جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ ان کي صنعتي ترقيءَ جي ڪامياب ماڊلز ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملين تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير نجي شعبي جي ڪردار جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته سي پيڪ فيز ٽو چيني ڪمپنين لاءِ پاڪستان جي صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته اثرائتي سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ لاءِ مضبوط رابطا ڪاري، بهتر ذريعا ۽ گڏيل اعتماد کي هٿي وٺرائڻ اڻٽر آهي. وفاقي وزير سيڙپڪاريءَ ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ معلوماتي خال ۽ سيڪيورٽي خدشن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. چيني قونصلر سيڙپڪاري بورڊ جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته ڄاڻ واري خال کي ختم ڪرڻ چيني سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ ڪيترائي وفد پاڪستان جو دؤرو ڪن ٿا، جڏهن ته ان جو عملي سيڙپڪاري ۾ تبديل هئڻ محدود آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سيڙپڪاري بورڊ ۽ چيني سفارتخانو گڏيل سهڪار سان آگاهي وڌائڻ ۽ سيڙپڪارن کي لاڳاپيل ادارن سان اثرائتي انداز ۾ جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. قونصلر واعدن جي پاسداري جي اهميت تي به زور ڀريو ۽ چيو ته سيڙپڪارن سان ڪيل سمورا واعدا پورا هئڻ گهرجن. هن چيني سفارتخاني سان ويجهي رابطي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته سفارتخاني جا تائيد يافته منصوبا چيني سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ اعتماد جوڳا هوندا آهن. ٻنهي ڌُرين اداره جاتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن تحت سيڙپڪاري بورڊ رٿائن جا تفصيل اڳواٽ طور تي سفارتخاني سان ونڊيندو، جڏهن ته سفارتخانو امڪاني چيني سيڙپڪارن جي فهرست فراهم ڪندو. ان مربوط حڪمت عملي سان اثرائت رابطن ۽ بهتر سيڙپڪاري نتيجا حاصل ڪري سگهجن. وفاقي وزير پنهنجي برطانيه جي تازي دؤري جي هاڪاري نتيجن جو به ذڪر ڪيو جتي اوورسيز پاڪستانين پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جو تاثر نمايان طور تي بهتر ٿيو آهي، جيڪو پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته خاص اقتصادي زونز ۾ ڪاميابي مثال قائم ڪيا آهن ته جيئن سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿئي ۽ سي پيڪ فيز ٽو تحت پاڪستان جي صنعتي صلاحيت کي اجاگر ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيني قونصلر کي پنهنجي اباڻي شهر چنيوٽ جي دؤري جي خاص دعوت به ڏني، جيڪو هٿ سان تيار ڪيل فرنيچر لاءِ مشهور آهي ۽ روانگي واپار جي بنيادن تي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو. ٻنهي ڌُرين سي پيڪ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته جهڙيءَ طرح فيز ون تحت بنيادي ڍانچي جي ترقي ممڪن ٿي، اهڙيءَ طرح فيز ٽو ذريعي صنعتي ترقي ۽ معاشي اؤسر کي هٿي ڏئي سگهجي. وزيراعظم جي امڪاني دؤري کي به ٻه طرفي اقتصادي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي هڪ اهم موقعي طور تي بحث ڪيو ويو. ملاقات ۾ عزم ڪيو ويو ته سي پيڪ فيز ٽو تحت سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ عملي نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ويجهو سهڪار جاري رکيو ويندو. سيڙپڪاري بورڊ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ سهولتڪاريءَ لاءِ پُرعزم آهي.











