اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت ريڪوڊڪ منصوبي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهن. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران سحر ڪامران جي سوال جي جواب ۾ علي پرويز ملڪ ايوان کي ٻڌايو ته ريڪوڊڪ قومي اهميت جو منصوبو آهي ۽ اربين ڊالر جي اهڙن وڏن منصوبن ۾ معمول جا مسئلا هوندا …
وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت ريڪوڊڪ منصوبي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهن: علي پرويز ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت ريڪوڊڪ منصوبي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهن. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران سحر ڪامران جي سوال جي جواب ۾ علي پرويز ملڪ ايوان کي ٻڌايو ته ريڪوڊڪ قومي اهميت جو منصوبو آهي ۽ اربين ڊالر جي اهڙن وڏن منصوبن ۾ معمول جا مسئلا هوندا آهن. هن ٻڌايو ته ريڪوڊڪ ڪمپني جو سربراهه بيرڪ گولڊ پاڻ پاڪستان آيو ۽ درپيش مسئلن تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته وفاق ۽ بلوچستان حڪومت ان منصوبي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهن.











